چَونر کُرو (سائنسي نالو: Chlidonias hybrida، انگريزي نالو: Whiskered Tern) 25 سينٽي ميٽر جسامت واري ھن ننڍي کري جا نر ماد ھڪجھڙا ٿين ٿا. ان جون ٽنگون ڳاڙھيون ۽ ننڍو چورس پڇ ٿئي ٿو. اونھاري ۽ بھار ۾ پيشاني چمڪدار ڪاري، ھيٺ ڪنڌ ۽ اکين تائين چمڪندڙ اڇا ڳل، ڳچيءَ کان ھيٺ ڇاتي ۽ پيٽ ڪارا، ۽ چھنب ڪارسري ڳاڙھي يا ھيڊي ھوندي اٿس. سياري ۾ مٿو اڇو، اکين کان ڪنڌ جي پاسن تائين ڪاري ليڪ ۽ چھنب ڳاڙھي ٿيندي اٿس. نابالغ پکيءَ جي ٽڪڻ ۽ پٺي ناسي ڪاري ۽ مٿو ڪارو ھوندو آھي. ھي جيت خور ۽ گروھہ پسند پکي آھي. پوکن، آبياري زمين، تلائن ۽ ڍنڍن جي مٿان شاندار پرواز ڪندو نظر ايندو آھي.[1]

Chlidonias hybrida
  1. ڪتاب: سنڌ جي جھنگلي جيوت، ص 137، ليکڪ: بدر ابڙو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.2009ع.