چونرا
چؤنرا (انگريزي: Beans، اردو:لوبيا) چئونرن جا به مٽرن وانگي گهڻا ئي قسم آهن. ڪي ولايتي آهن ڪي هتي جا آهن. ڪن جون ڦريون وڏيون ۽ ڪن جون ننڍيون ٿيون ٿين. ڪي جا داڻا وڏا ۽ ڪن جا ننڍا؛ ڪن جا گول، ڪن جا بُڪيءَ جي شڪل جهڙا ۽ ڪن جا چوڪنڊا ٿيندا آهن.'
ٻج اڪثر آڪٽوبر ۽ نومبر مهيني ۾ پوکبو آهي. وڏي قد جو ٻج ته پهريائين گرم پاڻيءَ ۾ ٻارهن ڪلاڪ ڀڄائي پوءِ پوکيندا آهن نه ته ڦٽندو ئي ناهي. ٻج زمين ۾ ٻه انچ اونهون وجهندا آهن ۽ ٻن ٻن فوٽن تي ٻٽيون چريون کڻندا آهن. جڏهن ٻور ۽ گل ڪن تڏهن انهن جون چوٽيون انچ جيترو ڇني ڇڏجن ته ڦرين ڪڍڻ ۾ زور رکن. ٻج پهرين ڪونڊين ۾ پوکي پوءِ ڪڍي زمين ۾ رکڻ چڱو آهي.
ڪن قسمن کي ٽيڪ جو کپ ڪو نه ٿو ٿئي، مگر اڪثر ٽيڪ گهرن ٿا. اهي ولين وانگي ٿين ٿا ۽ ڪدوءَ جي ول وانگي مَنهنَ تي چڙهي ويندا آهن ۽ ڇانوءَ ڪري بيهندا آهن. جڏهن ٻج چرين ۾ پوکبو آهي تڏهن چريون ٻه فوٽ پري ڪبيون آهن ۽ ٻن ٻن انچن تي ٻج هڻبو آهي ۽ هڪڙو انچ هيٺ زمين ۾ گهڙبو آهي. ٽن چئن ڏينهن ۾ ڦٽندو آهي ۽ قريب ڇهن هفتن ۾ تيار ٿيندو آهي. گهڻيءَ اُس لڳڻ ڪري وڻ سست ٿيو پوي ۽ پنن کي جيت لڳيو وڃي. چؤنرن جي لاءِ زمين کي گهڻو ڀاڻ نه گهرجي.[1]
طب
سنواريونالا: ع. ترمس، ف. باقلا مصري، هه. وغيره___ جهالر، تهين، جرجر مصري، ثامر ۽ سهيلا. اثر: سرد خشڪ: نقصان دير هضم، ميل: بادام روغن، عيوض: بهوئي چؤنرا، وزن: هضم مطابق. سڃاڻپ: هي ٻج آهي، هن جا داڻا اڇا ڊگها ڦرين ۾ ٿيندا آهن، ذائقي ۾ ڦڪو. خاصيت: بدن کي ٿلهو ڪن ٿا، قوت باهه ۽ منيءَ کي وڌائين ٿا، حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪن ٿا، مثاني جي ڦٽ، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت کي خشڪ ڪرڻ لاءِ مفيد آهن. هنن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي، اُهو پاڻي پيارجي ته گردي جي سور، قولنج ۽ وائي باديءَ جي تحليل ڪرڻ لاءِ مفيد آهن. جنهن زال جي پيٽ ۾ ٻار مري وڃي ته اهو پاڻي گهڻي انداز ۾ تيار ڪري ان ۾ هن کي وهارجي ۽ ڪجهه پاڻي پيارجي ته ٻار نڪري ايندو. منهن تي پيل ڇانئين ۽ ڪارن داغن لاءِ هن جو غازو استعمال ڪجي، خنازير لاءِ به مفيد آهي..[2]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو