چوسڻا آواز (Implosive Sounds) سنڌي ٻوليءَ ۾ چار اھڙا آواز اھن، جن کي اچارڻ سان ھوا کي وات ۾ اندر ڇڪڻو پوندو اھي. انھيءَ ڪري لسانيات جي ماھرن انھن کي چوسڻا اواز سڏيو آهي. ھي اواز ”ٻ“، ”ڏ“، ”ڄ“ ۽ ”ڳ“ جي حرفن سان ٺھندا اھن. ھنن اکرن جي خوبي اھا اھي تھ انھن جي جاءِ تي ڪو بھ حرف نعم البدل طور استعمال ڪري نھ ٿو سگھجي. اگر اکرن جي جاءِ تي سندن ويجھن ھم اوازن جھڙوڪ ”ب“، ”د“، ”ج“ ۽ ”گ“ جو استعمال ڪبو تھ اچارن جي معنيٰ تبديل ٿي ويندي مثال طور: ٻ = ٻار، ب = بار ڏ = ڏسان، د = دسان ڳ = ڳلو، گ = گلو ڄ = ڄار، ج = جار [1]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.