ابن ال بانا المراڪشي ال آزدي 1256ع ۾ مراڪش ۾ ڄائو. المراڪشي تارن جي علم جو ماهر هو. تنهنڪري چنڊ جي هڪ گهٻ جو نالو المراڪشي ڪريٽر رکيل آهي. ڪيترن ئي ائسٽراناميءَ ۽ ٽرگنامينٽريءَ جا فارمولا ٺاهيندڙن جا نالا، چنڊ تي ٺهيل گهٻن (انگريزي ٻولي: Craters) عرب ماهر فلڪيات جي نالن سان منسوب ٿيل آهن. چنڊ تي ٺهيل ٻين اهڙين گِهٻن جا نالا پڻ تارن جي علم جي ماهر عربن تي رکيل آهن.

ساڳي نموني چنڊ جي هڪ ٻي گهٻ الپيٽريجس (انگريزي ٻولي: Alpetragius Crater) آهي، جيڪا نور دين البيتروگي نالي آهي، جيڪو اولهه ۾ الپيٽريجس جي نالي سان سڏجي ٿو. جيئن ابوسينا، اولهه ۾ اوئسينا سڏجي ٿو. البتروگي (انگريزي ٻولي: Alpetragius) موراڪو ۾ ڄائو ۽ اندلس جي شهر سيوائيل ۾ زندگي گذاريائين. اهڙيءَ طرح چنڊ جي هڪ گِهٻ يا (Dent) جو نالو Arzachel Crater پڻ آهي، جيڪو ابو اسحاق ابراهيم ابن يحيٰ النقاش الزرقلي نالي تي رکيل آهي. الزرقلي 1028ع ۾ ڄائو ۽ 1087ع ۾ وفات ڪيائين ۽ زندگيءَ جو وڏو حصو اسپين ۾ رهيو. ابو اسحاق ابراهيم ابن يحيٰ النقاش الزرقلي، اولهه ۾ Arzachel جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. [1][2][3]

  1. چنڊ چوانءِ سچ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-02 
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
  3. ڪتاب: چنڊ چوانءِ سچ