چنڊول يا هڙيو (انگريزي: Lark، عربي: ابوالمليح، فارسي: قرقرا، هندستاني، وغيره: چڪاوک، قنبره، ۽ ڪارينہ) هڪ قسم جو پکي آهي، جيڪو گھڻو ڪري سنڌ جي اڪثر ڀاڱن ۾ ملي ٿو.

چنڊول جا سنڌ ۾ قسم سنواريو

نمبر شمار سنڌي نالو انگريزي نالو سائينسي نالو
1 عام چـنڊول/ هُـڙيو Eurasian Or Common Sky Lark Alauda arvensis
2 ڳاڙھ - کنڀو چنڊول
3 ڪلانڊرا چنڊول
4 طوطي چنڊول

عام چـنڊول/ هُـڙيو سنواريو

لاءِ ٻيو استعمال, ڏسو Skylark (disambiguation)۔

چنڊول
 
With caterpillar caught in beak
Song recorded in Wales
سائنسي درجا بندي  
Unrecognized taxon (fix): Alauda
جنس: Template:Taxonomy/Alauda{. arvensis
حياتياتي نالو
Alauda arvensis
Linnaeus, 1758
Subspecies

see text

چنڊول پکيءَ جي هن قسم کي ننڍو چنڊول (Small Skylark /Alauda gulgula) بہ چوندا آهن. هيءُ 17 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. هن جا نر ۽ ماد رنگ روپ ۾ هڪجهڙا ٿيندا آهن. چنڊول جو رنگ پٿريلو ناسي ٿيندو آهي. هن جي اکين مٿان هڪ اڇي ليڪ سان گڏ مٿي تي ننڍڙي چوٽي ٿيندي آهي. هن جي سڃاڻپ چهڪدار ٻولي آهي. هي زمين تان اڏرڻ وقت پنهنجي مخصوص انداز واري ٻولي ڪندو آهي. هي ٻين پکين وانگر ٻج، اَن ۽ جيت کائيندو آهي. زمين تي مضبوطآکيرو ٺاهيندو آهي. هن جي رهائش جا هنڌ، ميدان ۽ چراگاھ آهن.

گيلري سنواريو

ڳاڙھ - کنڀو چنڊول سنواريو

چنڊول
 
سائنسي درجا بندي  
Unrecognized taxon (fix): Mirafra
جنس: Template:Taxonomy/Mirafra{. erythroptera
حياتياتي نالو
Mirafra erythroptera
Blyth, 1845

چنڊول (Indian Bush Lark/ Mirafra erythroptera) جھرڪيءَ جي شڪل سان ملندڙ جلندڙ هوندو آهي. جسامت ۾ 14 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿيندو آهي. هن جي پُٺي ڦِڪي ناسي ٿئي ٿي، جنهن کي جهرڪيءَ جهڙا پر ٿيندا آهن،جن تي ڳاڙهسرا دڙڳ ٿين ٿا. هن جي پَرن ۽ ڇاتيءَ تي گهرا چٽ هوندا آهن. هن جو پيٽ وارو ڀاڱو اڇو ٿيندو آهي ۽ پَرن جي ٻاهرين ڪناري ڳاڙهي ٿيندي آهي. هن جون ٽنگون ڳاڙهسِريون، هيڊيون ٿينديون آهن.

گيلري سنواريو

ڪلانڊرا چنڊول سنواريو

خودڪار ٽيڪسو باڪس معاونت
خودڪار ٽيڪسو باڪس جوڙڻ لاءِ مهرباني. There's no taxonomy template at "Template:Taxonomy/Calandrella", so the automated taxobox system doesn't know the taxonomy (درجا بندي) of Calandrella.
  • Is "Calandrella" the سائنسي name of your taxon? For example, if you were editing the page "Animal", you'd need to specify |taxon=Animalia not |taxon=Animal. If it's not the expected scientific name, please correct it.
  • There are some special cases which can be more difficult to set up (e.g. disambiguated taxon names). If you're not sure how to proceed, ask for help at Wikipedia talk:Automated taxobox system.
  • Otherwise, click here to create the taxonomy template by entering the taxonomic details for "Calandrella". It's partly set up for you.
Calandrella
 
Greater short-toed lark (Calandrella brachydactyla)
سائنسي درجا بندي  
Unrecognized taxon (fix): Calandrella
قسم جنس
Alauda brachydactyla
Leisler, 1814
Species

see text

هم معنيٰ
  • Tephrocorys

هن جنس جا نر ۽ ماد هڪجهڙا ٿيندا آهن. چنڊول جي پُٺي گهري ناسي ٿيندي آهي، جنهن تي گهريون ليڪون ٿينديون آهن. هن جي ڳچيءَ ۽ پيٽ جو رنگ اڇو ٿئي ٿو. ڇاتيءَ جي ٻنهي پاسن کان ڪارا نشان هوندا اٿس. ان کان سواءِ اکين جي مٿان ڀرن وانگر اڇي ليڪ ٿيندي آهي.

گيلري سنواريو


طوطي چنڊول سنواريو

چنڊول
 
سائنسي درجا بندي  
Unrecognized taxon (fix): Eremopterix
جنس: Template:Taxonomy/Eremopterix{. nigriceps
حياتياتي نالو
Eremopterix nigriceps
(Gould, 1839)
Subspecies

See text

هي پکي بہ چنڊول جي خاندان مان آهي. هن کي ڪاري مٿي وارو چنڊول بہ چوندا آهن. هن جي جسامت 13 سينٽي ميٽرن جو ٿئي ٿو. هن جي پٺيِءَ جو رنگ ريتيءَ جھڙو ناسي، ڳچيءَ، پيٽ ۽ مٿي جو رنگ ڪارو، پيشاني، ڳل ۽ ڪنن وارو حصو اڇو ٿئي ٿو. هن جي نر ۽ مادي مختلف رنگن جا ٿين ٿا. مادي ميرانجهڙِي چوٽيءَ واري ٿئي، جيڪا رنگ ۾ جهرڪيءَ جهڙي هوندي آهي. طوطي نما چنڊول جي چهنب ننڍي ۽ ٿلهي ٿئي ٿي. هي سڪل ڍورين ۽ نئين جي ڪنڌين تي رهندو آهي.

رهائش سنواريو

چنڊول (ڳائيندڙ) يوريشائي چنڊول سريلي آواز جي ڪري مشهور آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ Skylark چوندا آهن. هي کليل فصل وارين زمينن ۾ گهڻائيءَ ۾ ملي ٿو. سندس ٿاڪ گهڻو ڪري يورپ ۽ ايشيا ۾ آهن. هي سردين ۾ اترين پاسن کان هجرت ڪري آفريڪا ۽ ڏکڻ ايشيا ڏانهن هليا وڃن ٿا.چنڊول پنهنجا گهر ميدانن ۾ ٺاهين ٿا.

نسل جي واڌ ويجھ سنواريو

چنڊول 4 کان 3 آنا ڏين ٿا ۽ هڪ کان ٻہ ٻچا پيدا ڪن ٿا. 11 کان 16 ڏينهن آرو ڪندو آهي.

طب سنواريو

اثر: گرم خشڪ، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: ڪاسني، وزن: ٻہ عدد.
سڃاڻپ: هي پکي رنگا رنگي سهڻو، ڪڪڙ جي چوٽيءَ وانگر چوٽيدار ڳيري جي قد جو ٿئي ٿو.
خاصيت: هن جو گوشت ڪاڙهي، شوربو ڪري پياربو تہ فالـج، لقوي، مثاني ۽ گردي جي پٿري، پاسي ۽ سيني جي سور لاءِ مفيد آهي، ٽوري کي نرم ڪري ڪڍندو. پتو ۽ رت اُن جو ملائي ليپ ڪجي تہ آلت جي تقويت ۽ لذت النسا جي لاءِ مجرب.[4]

حوالا سنواريو

  1. BirdLife International. "Alauda arvensis ". IUCN Red List of Threatened Species. International Union for Conservation of Nature. حاصل ڪيل 15 July 2018. 
  2. بقرة
  3. بقرة
  4. ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.