چندن هار ڳيچيء جو ھڪ زيور آھي. هي سڀني زيورن ۾ گهڻو وڏو ٿئي. هن جي ويڪر بہ وڏي تہ ڊگهائي بہ وڏي ٿئي. هي ڳچيءَ کان وٺي دن کان ٻہ آڱر کن ڊگهو ٿئي. ۽ ويڪر ٽي آڱر کن ٿئي. هن ۾ هڪ چانديءَ جي زنجير ٿئي، وري جڙات تي چانديءَ جي زنجير اهڙي نموني سان ٽن—چئن آڱرين بعد وري هڪ چانديءَ جو ٽڪنڊو ٽڪر ٿئي، جنھن جي مٿان آرسيءَ وانگيان هڪ خالي ۽ رنگين شيشو ٿئي، جيڪو زيورن ۾ استعمال ٿئي ٿو. اهڙي طرح سڄي چندن هار ۾ ٿيندو، ۽ آخر جو اچي هڪ ننڍڙي دهلڙي ٿئي، جنھن کي ”ڍولڻو“ بہ چئبو آهي.[1]

  1. رسالو: سرتيون؛ مضمون: سنڌي زيور؛ از: زيڊ. اي. شيخ؛ جون 1995ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ