چندر ڪانت(انگريزي: Moonstone) سوڊيم پوٽيشيم المونيمسليڪيٽ معدنيات آھي جنھن جو ڪيميائي فارمولو (Na,K)AlSi3O8 ۽ فيلڊسپر گروپ سان تعلق رکندڙ آهي. اردو ۽ ھندي ۾ ان کي چندرڪانت ۽ عربي ۾ حجرالقمر چوندا آهن.اھو هڪڙي قسم جو پٿر آهي، جو چاندي کي جذب ڪرڻ جي قوت رکي ٿو.يوناني طب ۾ ان جي مزاج کي معتدل چوندا آهن.

چندر ڪانت
عام ڄاڻ
قسم Orthoclase variety
ڪيميائي فارمولو
( دھرائجندڙ ايڪو )
(Na,K)AlSi308
سڃاڻپ
رنگ ان جا کوڙ رنگ ھوندا آھن جن ۾ نيرو، خاڪي، اڇو، گلابي، سائو، ناسي ۽ پيچ . ان سان گڏوگڏ بي رنگ بہ ٿيندو آهي.
ڇڳل مٿاڇرو (معدنياتي علم) uneven to conchoidal
موھ واري ماپي تحت سختي 6.0
چمڪ Opalescent
اسٽريڪ ( پائوڊر جو رنگ) white
مخصوص ڪشش ثقل 2.61
زمين مان مليل ڪچو چندر ڪانت

يوناني طب ۾ خاصيت سنواريو

مهري جي دال جي داڻي برابر پاڻي ۾ گهي پيارجي ۽ ٿوري ناس نڪ ۾ ڏياري وڃي ته مرگهي (Epilepsy) صرع دور ٿي وڃي ٿي. رت وهڻ، چريائي، وسواس وغيره حالتن ۾ ڪارگر آهي. هن جي ڪتب آڻڻ سان سردي، گرميءَ جي گهٽ وڌائي هٽي طبيعت اعتدال تي اچي وڃي ٿي.[1]،

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو