چنبيلي
چنبيلي (انگريزي: Jasmine؛ فارسي: ياسمين) جا گهڻا ئي قسم آهن جي هندستان ۾ به عام ٿين ٿا. ڪي خوشبوءِ جي ڪري ۽ ڪي سهڻيءَ شڪل جي ڪري مشهور آهن. ڪن جا ته رڳو پن سهڻا ٿيندا آهن، تنهنڪري باغن ۾ پوکيندا آهن. ڪي وڻ ٻوڙن وانگي ٿيندا آهن ۽ ڪي ولين وانگي ٽيڪ تي بيهندا آهن. هي وڻ اڪثر جهنگ ڪري ويندو آهي، تنهنڪري ڇانگ ڪندو رهجيس. ڪي ته اصل ٽڪرن جي پيدائش آهن، پر هيٺ به ٿين ٿا. سڀني جون اوڌون ۽ قلم لڳندا آهن. انهيءَ ڪم لاءِ سانوڻيءَ جي موسم چڱي آهي. هن مان خوشبودار تيل ۽ عطر ڪڍندا آهن. هن جا ٽيهارو کن قسم مشهور آهن. جن جو هيٺ ڌار ڌار مختصر بيان ڏيون ٿا.[5]
خودڪار ٽيڪسو باڪس معاونت |
---|
خودڪار ٽيڪسو باڪس جوڙڻ لاءِ مهرباني. There's no taxonomy template at "Template:Taxonomy/Jasminum", so the automated taxobox system doesn't know the taxonomy (درجا بندي) of Jasminum.
|
چنبيلي | |
---|---|
Jasminum officinale—Common Jasmine | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Jasminum |
قسم جنس | |
Jasminum officinale L. | |
Species | |
More than 200, see List of Jasminum species[1][2][3] | |
هم معنيٰ[4] | |
|
طب
سنواريونالا: ع. ياسمين، ف. ياسمون، هه. وغيره___ چنبيلي، سيام، منجلاب ۽ گل هاشم. اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: بنفشو ۽ گلاب جا گل، عيوض: نرگس، وزن پاڙ ٽن کان پنج ماسا. سڃاڻپ: هي وڻ ننڍو گل ان جو اڇي ۽ هيڊي رنگ تي خوشبودار ٿيندو آهي. خاصيت: هن جا گل دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهن، رت صفا ۽ چڱو پيدا ڪن ٿا، بلغمي ۽ سوداوي خلطن ۽ جگر جي سدن کي ڪڍن ٿا، وائي باديءَ کي تحليل ڪن ٿا. هن جا پن ۽ ڪاٺيون ۽ پاڙون ڪاڙهي پيارجن ته فالـج، لقوي ۽ ڪچن خلطن کي پچائي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندو، پيشاب جاري ڪري ٿو، هن جون گرڙيون وات جي پچڻ، وات جي ڦٽن ۽ بدبوءِ ڏندن ۽ مهارن جي مضبوطيءَ لاءِ مفيد آهي..[6]
حوالا
سنواريو- ↑ "Jasminum". Index Nominum Genericorum. International Association for Plant Taxonomy. حاصل ڪيل 2008-06-03.
- ↑ "10. Jasminum Linnaeus". Chinese Plant Names 15: 307. http://www.efloras.org/florataxon.aspx?flora_id=2&taxon_id=116771. Retrieved 2008-06-03.
- ↑ سانچو:UniProt Taxonomy
- ↑ USDA, ARS, National Genetic Resources Program. "Jasminum L.". Germplasm Resources Information Network, National Germplasm Resources Laboratory. حاصل ڪيل November 22, 2011.
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو