چشتي سلسلو
چشتي سلسلو، چشت خراسان جي هڪ مشهور شهر جو نالو آهي.اتي جي ڪن بزرگن، ماڻهن جي روحاني اصلاح جو ڪم هٿ ۾ کنيو، انهي ڪري اهو چشتي سلسلو سڏجڻ ۾ آيو. حضرت خواجه ابو اسحاق شامي (وفات 940ع) پهريون بزرگ آهي جنهن جي نالي سان گڏ تذڪرن ۾ چشتي لفظ ملي ٿو. هو اصل شام جو رهاڪوهو.اتان بغداد ۾ آيو، ۽حضرت خواجه مشاد علي دينوري (وفات 910) کان روحاني فيض حاصل ڪيائين. ان جي ارشاد موجب ”چشت“ ۾ آيو، جتي هڪ روحاني تحريڪ جو بنياد رکيائين. هي سلسلو به طريقت جي لحاظ کان حضرت علي ڪرم الله وجه تائين هن طرح ملي ٿو:
- حضرت علي بن ابي طالب ڪرم الله وجہ.
- حضرت خواجه حسن بصري.
- حضرت خواجه ابي الفضل عبدالواحد ابن زيد.
- حضرت خواجه ابي الفيض فضيل ابن عياض.
- حضرت خوجه ابراهيم ادهم البلخي.
- حضرت خواجه سديد الدين حذيففته المرعشي.
- حضرت خواجه امين الدين ابي هيبره البصري.
- حضرت خواجه مشاد علي دينوري.
- حضرت خواجه ابي اسحاق شامي.
- حضرت خواجه ابي اگھحند ڀب فرسنافته الچشتي.
- حضرت خواجه محمد ابن احمد چسشتي.
- حضرت خِواجه ابي يوسف چشتي.
- حضرت خواجه مودود چشتي.
- حضرت خواجه شريف زنداني.
- حضرت خواجه عثمان هاروني
- حضرت خواجه معين الدين چشتي.
برصغير پاڪ و هند ۾ حضرت خواجه معين الدين چشتي هن سلسلي کي ڦهلايو، اسلام جي تبليغ ڪئي، ۽ ماڻهن جي روحاني اصلاح ڪئي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو