چراغ علي
چراغ علي(انگريزي: Chirag Ali) (1844–1895) اوڻوھين صدي جو ھڪ مذھبي اصلاح پسند ۽ سيڪيولر مفڪر ڪشميري مسلمان ھيو. جنھن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز برٽش انڊيا جي حڪومت ۾ ملازمت سان ڪيو ۽ اتر انڊيا ۾ نوڪري ڪئي[1]. 1877 ۾ نظام حيدرآباد دکن جي درٻار ۾ سياسي سيڪريٽري طور مقرر ٿيو[1].
ذاتي زندگي
سنواريوھي 1844 ۾ موجوده اتر پرديش جي شھر ميروت ۾ ڪشميري خاندان ۾ پيدا ٿيو[2][3][4]. کيس ٽي ڀائر ولايت علي، عنايت علي ۽ منصب علي ھئا ۽ ھي عمر ۾ ٽنھي کان وڏو ھيو.سندس والد جو نالو محمد بخش ھيو جيڪو 35 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. ان وقت ھن جي عمر 12 سال ھئي جنھن ڪري ھن جي ذميداري ماء ۽ ڏاڏيءَ جي مٿان پئي. ھن جي شادي ابدي بيگم نالي عورت سان ٿي.ھن شروعاتي تعليم گھر ۾ حاصل ڪئي. ھن عربي، فارسي ،انگريزي ،فرينچ،آرامڪ، عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻوليون سکيون ھيون. [5]ھن پنھجي زندگي ۾ تعليم کي تمام وڏي اھميت ڏني ھئي. ھن نوڪري جي شروعات گورکپور ۾ بطور ڪلارڪ ڪئي. پوء ھي لکنو ۾ سيٽلمينٽ آفيس جو ڪليڪٽر مقرر ٿيو. حيدرآباد جي نظام سر سيد احمد جي سفارش تي کيس درٻار ۾ نوڪري ڏني. چراغ مخبر صادق ۽ منشور محمدي نالي اخبارن ۾ لکندو ھيو. حيدرآباد دکن جي وزيراعظم سالار جنگ I سر سيد احمد کي ترجمو ڪندڙ ماڻھو لاء گھريو تي ھن کيس پنھنجي ھم خيال چراغ علي جو نالو ڏنو اھڙي طرح ھن جي اتي مقرري ٿي.
سندس ڏنل فڪر
سنواريوسر سيد احمد خان(وفات:1898) جي ويجھي ھمدردن مان ھيو. چراغ علي انھن ڪتابن ۽ مضمونن جي ڪري مشھور ٿيو جن ۾ ھن علي ڳڙھ واري اسلامي جدت واري پروگرام کي رٿيو ھو[1]. چراغ علي مطابق قرآن عبادت ۽ اخلاق جي معاملن ۾ رھنمائي رکي ٿو پر سندس خيال م حڪومت يا قانونسازي ۾ قرآن مان صحيح رھنمائي نہ ٿي ملي سگھي[1]. ھن برطانوي مستشرقن، عيسائي مبلغن ۽ مسلمان روايت پسندن جي ان خيال جي مخالفت ڪئي تہ اسلام ديني رياست (مذھب ۽ رياست جي جوڙ) جي تصديق ڪري ٿو ۽ اھو تہ اسلام ناقابل تغير آهي[1]. ھن جي مطابق اسلامي حڪومت ۽ شريعت گھڻي ڀاڱي انساني تخليقون آهن ۽ مختلف علائقن جي تاريخي حالتن ۾ تبديل ٿيڻ جي صلاحيت رکندڙ آھن[1]. جھاد لاء ھن جو خيال ھيو تہ اھا ھڪ دفاعي حڪمت عملي ھئي جيڪا حضرت محمد ﷺ ان وقت اختيار ڪئي جڏھن شروع ۾ مسلمان اڳرائي جي زد ۾ ھيا. ھن جي خيال مطابق جھاد جو مقصد مذھب جي نالي ۾ ھڪ جائز اڳرائي ٿيڻ ھرگز نہ ھو[1]. ھي انڊيا ۾ برطانوي راڄ جو بہ مخالف ھيو[1]. ھي روايتن جي بنياد تي ڏنل حڪومت، غلامي، رکيل عورتن، شادي، طلاق، ۽ غير مسلمانن جي حيثيت تي ڏنل فتوائن يا شرعي راء تي تنقيد ڪئي ۽ انھن فتوائن کي جديد مسلم معاشري جي گھرجن سان نہ ٺھڪڻ جي ڳالھ ڪندي اھڙين فتوائن تي نظرثاني يا انھن جي خاتمي جو مطالبو ڪيو[1]. ھن تسليم ڪيو سندس خيال تڪراري آھن پر ھن کي يقين ھو تہ ھن جاي انھن خيالن ذريعي مسلمان جديد دؤر ۾ مثبت تبديلي ۽ فڪري آزاديءَ جو ميدان جوڙي سگھن ٿا. ھن جديد لبرل اسلامي روايتن جي جڙڻ جي سوچ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو[1].
حوالا
سنواريو- ↑ 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 138,139
- ↑ Syed Moinul Haq, Islamic thought and movements in the subcontinent, 711-1947, Historical Society (1979), p. 469
- ↑ Juan Eduardo Campo, Encyclopedia of Islam, Infobase Publishing (2009), p. 139
- ↑ Charles Kurzman, Modernist Islam, 1840-1940: A Sourcebook, Oxford University Press (2002), p. 277
- ↑ Sohail H. Hashmi in Just Wars, Holy Wars, and Jihads: Christian, Jewish, and Muslim Encounters and Exchanges, Oxford University Press (2012), p. 307