چاپ بلوچستان جو ثقافتي رقص آهي، جيڪو قديم زماني کان وٺي اڄ تائين رائج آهي. هيءُ رقص عام طرح عورتون ۽ مرد الڳ دائرا ٺاهي ڪندا آهن. رقص ڪندڙ انبوهه جي وچ ۾ مڱڻهار دهل ۽ شرنائيون وڄائيندا آهن، جن جي ڍنوَ تي هيءُ ناچ ڪيو ويندو آهي. بلوچستان ۾ اڪثر ذاتين ۽ قبيلن ۾ خوشيءَ جي موقعن تي هيءُ ناچ ٿيندو آهي. عورتون وڏي دلچسپيءَ سان چاپ ناچ ڪنديون آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012