چانگ (انگريزي: Chang) سنڌ جي ھڪ ذات آھي. سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن ۾ ھن ذات جا ماڻھو ويڙھاڪ رھيا آھن. جنت السنڌ مطابق: پهريان صوبي سرحد ۾ رهندا هئا، پوءِ فوجي خدمتن ڪري سنڌ ۾ جاگيردار بڻجي ويا[1]. چانگ گورچاڻين جي شاخ آهن. اهي سنڌ ۾ زمينداري پيشو ڪندا هئا. ٽالپر دور ۾ لشڪر ۾ ڀرتي ٿيا. منجھانئن سنجراڻين کي گوني تعلقي ۾ ڪچائي چانگن کي گهوڙا ٻاري ۾ وفاداري ڪري جاگيرون عطا ٿيون[2]. سنجراڻين جي سردار مراد علي خان جولاءِ سنه 1854ع ۾ وفات ڪئي. تنهن کان پوءِ نصير خان جو پٽ الله بخش خان لاڙ جي چانگن جو سردار ٿيو. هن مياڻي جي جنگ ۾ مري ويو[2]

چانگ
ٻوليون

سنڌي

مذھبَ

اسلام

  1. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  2. 2.0 2.1 [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو