پورو نالو چارلس ڊِي گانَھل ڪوچ (انگريزي: Charles de Ganahl Koch)، پيدائش 1 نومبر 1935ع، آمريڪي، ارب پَتي واپاري ۽ انسان دوست. ڪوچ 1967ع کان ڪوچ انڊسٽريز (انگريزي: Koch Industries) جو گڏيل مالڪ، چيئرمين ۽ چيف اگزيڪِٽوَ آفيسر رھي چُڪو آھي. جڏھن تہ ھن جي مرحوم ڀاءَ ڊيوڊ ڪوچ اگزيڪٽوَ وائيس پريزيڊنٽ طور خدمتون سرانجام ڏنيون. چارلس ۽ ڊيوڊ ھر ھڪ پنھنجي اِن ڪاروباري رِپ يا مجموعي جي 42% سيڪڙو حصي جا مالڪ رھيا. ٻنھي ڀائرن اِھو ڪاروبار پنھنجي پيءَ فريڊ سي ڪوچ (انگريزي: Fred C. Koch) کان وراثت ۾ ورتو، تنھن کانپوءِ ھِنن اِن ڪاروبار کي وڌايو[1]. اصل ۾ خاص طور تي آئل رِفائننگ ۽ ڪيميڪلس کانپوءِ ھاٹي ڪوچ انڊسٽريز گدلاٹ روڪٹ جي مرحلن جا اوزار ۽ ٽيڪنالاجي، پوليمرس ۽ فائيبرس، معدنيات، ڀاٹ، ڪموڊِٽي واپار ۽ خدمتون، ٻيلا ۽ واپرائجندڙ پئداواري شيون ۽ چوپائي مال جي پرورش گاھي ڪرٹ پنھنجي ڪاروبار ۾ شامل ڪيا آھن. اُن کانسواءِ بہ ڄاتل سُڃاتل برانڊ پئدا ڪري رھيا آھن، جھڙوڪ اسٽين ماسٽر ڪارپيٽ، لائڪرَ (Lycra) برانڊ آف اسپينڊيڪس فائبر، ڪوائلٽيڊ ناردرن ٽِشو ۽ ڊڪساءِ ڪَپ (انگريزي: Dixie Cup).

29 جون 2021ع تي فوربز مئگزين پاران دُنيا جي سڀني کان مالدار ماٹھن جي ٺاھيل فھرست ۾ کيس ستاويھين نمبر تي رکيو ويو آھي. سندس ملڪيت جو ڪُل ڪاٿو 46.8$ ارب آمريڪي ڊالر لڳايو ويو آھي.[2]

چارلس ڪوچ
https://en.m.wikipedia.org/wiki/File:Charles_Koch_portrait_(cropped).jpg
پيدائش چارلس ڊي گانھل ڪوچ


1 نومبر 1935ع (عُمر: 85 سال)


وِچيٽا، ڪاناس، آمريڪا.

تعليم بي ايس، ايم ايس، ايم ايس


ميساچوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي

ڪِرت واپاري
مالڪ ڪوچ انڊسٽريز
ڪُل ملڪيت 29 جون 2021ع تي (46.8$ ارب آمريڪي ڊالر)[3]
عُھدو ڪوچ انڊسٽريز جو چيئرمين ۽ چيف اگزيڪٽِو آفيسر
سياسي تنظيم لِبرٽيرين
گھرواري لِز ڪوچ

(شادي 1972ع)

ٻار چيس ڪوچ

ايلزبيٿ ڪوچ

ماءُ پيءُ
  • فريڊ سي ڪوچ
  • ميري روبِنسن
مِٽ مائٽ
  • فريڊرڪ آر ڪوچ (ڀاءَ)
  • ڊيوڊ ڪوچ (ڀاءَ)
  • بِل ڪوچ (ڀاءَ)
صحيح
https://en.m.wikipedia.org/wiki/File:Charles_Koch%27s_Signature.png

حوالا سنواريو

  1. "David and Charles Koch - The 2011 TIME 100 - TIME". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-06-29. 
  2. "Charles Koch". Forbes. حاصل ڪيل 2021-06-29. 
  3. "Charles Koch". Forbes. حاصل ڪيل 2021-06-29.