چائو يو گوانگ
(چيني ۾: 周有光 خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (چيني ۾: 周耀平 خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 13 جنوري 1906[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 14 جنوري 2017 (111 سال)[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت چين
جمھوريا چين (1912ء–1949ء)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ٻارن جو تعداد
عملي زندگي
ڪم جي ٻولي چيني ٻولي[3]،انگريزي ٻولي،فرانسيسي ٻولي،جاپاني  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي لسانيات[4]،چيني ٻولي[4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي

چائو، چُنگ جي شاهي گهراڻي جي صاحبي (انگريزي ٻولي: Qing Dynasty) واري زماني ۾ 1906ع ۾ ڄائو هو، پوءِ اڳتي هلي چين جي ڪميونسٽ حڪمرانن جو سخت مخالف ٿي ويو.

Zhou Youguang and his family, c. 1930.

پن ين سنواريو

چائو يو گوانگ چيني: 周有光 يا زائو يو گوانگ (انگريزي ٻولي: Zhou Youguang)، چيني ٻوليءَ کي رومن اسڪرپٽ يا رومن رومن لپي يعني پن ين (Pinyin) جو ٺاهيندڙ ۽ چيني ٻوليءَ کي پن ين تي آڻڻ جو بُنياد رکندڙ ۽ مهندار هو.

سوانح سنواريو

چائو (Zhou)، ڪميونسٽ پارٽيءَ طرفان رومن لپي ٺاهڻ واري ڪاميٽيءَ جي انچارج يا سرواڻ جي حيثيت ۾، 1950ع ۾ چيني ٻوليءَ لاءِ پن ين يعني لکڻ ۽ پڙهڻ جو هڪ اهڙو نظام ٺاهڻ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي، جنهن جي ذريعي چيني ٻوليءَ کي رومن الفابيٽ ۾ لکي ۽ پڙهي سگهجي ۽ ٽن سالن جي لڳاتار جاکوڙ ۽ محنت کانپوءِ نيٺ چائو پن ين لپي ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

نئين لپيءَ نه رڳو ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ سٺو سوڻ ثابت ٿي، پر ان تعليم جي واڌاري ۽ عام ماڻهن تائين تعليم پهچائڻ ۾ پڻ اهم ڪرادار ادا ڪيو.

چائو، جواني ۾، آمريڪا ۾ پڻ رهيو ۽ وال اسٽريٽ ۾ بروڪر جي طور تي ڪم پڻ ڪيائين.

چائو، 1949ع ۾، چين ۾ ڪميونسٽ انقلاب اچڻ کانپوءِ موٽي آيو ۽ چيني بوليءَ لاءِ رومن لپي ۾ اهڙو نظام ٺاهڻ جي ڪاميٽيءَ جو انچارج مقرر ڪيو ويو، جنهن تحت چيني ٻوليءَ کي رومن يا انگريزي الفابيٽ جي ذريعي لکي ۽ پڙهي سگهجي.

Zhou in 1947

هن هڪ ڀيري 1912ع ۾، بي بي سي وارن کي ٻڌايو ته، اسان کي چيني ٻوليءَ لاءِ رومن لپي يا پن ين ٺاهڻ ۾ ٽي ورهيه محنت ڪرڻي پئي، پر چيني ٻوليءَ لاءِ ٺاهيل رومن لپي يا پن ين جو شروع ۾ ماڻهو مذاق اڏائيندا هئا ۽ چٿرون ڪندا هئا ۽ اسان کي چيني ٻوليءَ کي انگريزي الفابيٽ جي 26 اکرن تي آڻڻ لاءِ نه رڳو ڊگهو وقت لڳو، پر ان حوالي تمام گهڻي محنت پڻ ڪرڻي پئي. [5]

ديهانت سنواريو

چائو يو گوانگ، 14 جنوري، 2017ع تي، ڇنڇر جي ڏهاڙي، 111 ورهين جي ڄمار ۾، بيجنگ (Beijing) ۾ ديهانت ڪري ويو.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Zhou-Youguang — subject named as: Zhou Youguang — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  2. 2.0 2.1 Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb169958731 — subject named as: You guang Zhou — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
  3. NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=jo2011617486 — اخذ شدہ بتاریخ: 1 مارچ 2022
  4. 4.0 4.1 NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=jo2011617486 — اخذ شدہ بتاریخ: 7 نومبر 2022
  5. China's Zhou Youguang, father of Pinyin writing system, dies aged 111 - BBC News

[1]