سنڌ ۾ ڄٻير (Jjabbeer) ذات جا مهاڻا آهن، جن کي جهٻير، جهٻيل، جبير ۽ جبيل به چون ٿا. اهي هينئر به ڪشمير ۽ پنجاب طرف ججهي انگ ۾ آهن. سمن جي صاحبيءَ ۾ توڙي شاهه لطيف جي وقت ۾ اهي گهڻو ڪري ڪنجهر ڍنڍ ڏي ماڱر (ماڃر) ذات وارن مهاڻن سان گڏ رهندا هئا. شاهه عبدالطيف ڀٽائي پڻ انهيءَ ذات کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيو آهي.[1]

”سميون ڪري سينگار، راءُ ريجهائڻ آئيون، ڄـــام هــــٿ ۾ ڄـــار، ڄــلي ڄـــٻــيرن وچ ۾.“ (شاهه)

,