هنن جي ڄمار 8 کان 10 سال هوندي آهي.

Indian long-eared hedgehog[1]
Indian long-eared hedgehog illustration
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: Animalia
تقسم: Chordata
درجو: Mammalia
ترتيب: Eulipotyphla
خاندان: Erinaceidae
نسل: Hemiechinus
جنس: H. collaris
حياتياتي نالو
Hemiechinus collaris
(Gray, 1830)
Indian long-eared hedgehog range
سنڌ ۾ ڄاهي جا قسم
نمبر شمار سنڌي نالو انگريزي نالو سائينسي نالو
1 ڊِگھ / ڪَنو ڄاهو Indian Long-Eared Hedgehog Hemiechinus collaris
2 هيڊو ڄاهو / ٻيٻاهو Indian Hedgehog Paraechinus micropus

ڊِگھ - ڪَنو ڄاهو سنواريو

جسم جي بناوٽ سنواريو

ڊگھ يا ڪنو ڄاهي يا ٻيٻاهي جي جسامت 17 سينٽي ميٽر آهي ۽ وزن 200 کان 500 گرام هوندو آهي. هن جو رنگ ڪارسرو ٿئي ٿو. پُٺي جا ڪنڊا تقريبا منو انچ ڊگھا ٿيند ٿا. ڪن وڏا اٿس.

کاڌ خوراڪ سنواريو

عام طور تي ڏينهن جو ٻين جانور جي ٻرن ۾ آرام ڪندو آهي ۽ رات جو شڪار لاءِ نڪرندو آهي. نظر ڪمزور پر سنگھڻ جي حِس ڪافي تيز اٿس، جنهن سان خوراڪ تلاش ڪندو آهي. جيت ننڍڙا ڪوئا، ڪِرڙيون، نانگ، ڏيڏر وغيره کائيندو آهي. جيڪڏهن گھڻو بکايل هجي ته وڏن جانورن تي به حملو ڪري ٿو. شڪار جو ڪو به حصو وات ۾ آيس ته ان کي جھلي چٻڻ شروع ڪري ڏيندو آهي ۽ پاڻ کي وڪوڙي ڪنڊا اُڀا ڪري ڇڏيندو آهي ته جئين جوابي حملي ۾ محفوظ هجي. ڇيڙڇاڙ ڪرڻ سان گول بال وانگر ويڙهجي ويندو آهي. سياري ۾ موسي نستائيءَ ۾ هليو ويندو آهي.

رهائش سنواريو

هي ڄاهو هندستان ۾ (گجرات، راجستان ۽ اترپرديش) ۾ ملي ٿو ۽ پاڪستان (سنڌ ، پنجاب ۽ خيبر پختونخواه ).  ۾ پڻ ملي ٿو.

نسل جي واڌويجھ سنواريو

مادي 3 کان 4 ٻچا ڏيندي آهي. اهي موسمي جي حساب لڳ ڪندا آهن. نر مارچ کان آگسٽ تائين جوش ۾ هوندو آهي جڏهن ته مادي اپريل کان آگسٽ تائين جوش ۾ هوندي آهي. [6] اهو هڪ جامع پيچيده جذباتي ميلاپ هوندو آهي ۽ قابل ذڪر آهي جنهن ۾ نر مادي جي ڀرسان ڪيترن ئي ڏينهن تائين "ناچ" ڪندو آهي.

هيڊو ڄاهو / ٻيٻاهو سنواريو

ڄاهو
فائل:Indian Hedgehog, Paraechinus micropus.jpg
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: Animalia
تقسم: Chordata
درجو: Mammalia
ترتيب: Eulipotyphla
خاندان: Erinaceidae
نسل: Paraechinus
جنس: P. micropus
حياتياتي نالو
Paraechinus micropus
(Blyth, 1846)
 
Indian hedgehog range

جسم جي بناوٽ سنواريو

هن ڄاهي جي نر جو وزن 435 گرام ۽ مادي جووزن 312 گرام هوندو آهي. هن جو پڇ 2 کان 4 سينٽي ميٽر ڊگھو هوندو آهي. 5 کان 7 انڇ ڊگهو، هي ننڍڙو ڪوئي جيترو مماليه جانور آهي، جنهن جي سڄي پٺيءَ تي پيشاني کان آخر تائين ڪندا ٿين ٿا، رنگ هيڊو يا هلڪو اٿس، هيٺين بجدار کل ۽ منهن جو مٿيون حصو اڇو ٿئيس، باقي منهن ۽ پير ڪارڙا اٿس.

کاڌ خوراڪ سنواريو

هي گوشت خور جانور آهي هن جي مک خوارڪ جيت، ڪيڙا، نانگ ۽ ڏيڏر وغيره کائي ٿو.هي ڄاهو رات جي وقت پنهنجي ٻر مان ٻه يا ٽي ڀيرا ٻن ٻن يا ٽن ٽن ڪلاڪن لاءِ نڪري ٿو ان وچ ۾ ننڊ ڪندو آهي. هن جي شڪار جو طريقو به تمام دلچسپ آهي، جيڪو شڪار ملندو اٿس انجي جسم جو جيڪو حصو وجھ ۾ ايندو اهي ان کي چٻاڙڻ لڳندو آهي

نسل جي واڌويجھ سنواريو

هي ڄاها صرف لڳ جي مند ۾ ملندا آهن. انکان پوءِ اڪيلو رهندا آهن. مادي 2 کان 3 ٻچا ڄڻيندي آهي. نر مادي جي ٻچن پالڻ ۾ بلڪل هن جي مدد نه ڪندو آهي. نر ٻچن کي ڏسندي ئي ماريندو آهي ان ڪري مادي پنهنجي ٻچن حفاظت ڪندي آهي.


رهائش سنواريو

هي ڄاهو هندستان ۾ (گجرات ۽ راجستان) ۾ ملي ٿو ۽ پاڪستان (سنڌ ۽ پنجاب)  ۾ پڻ ملي ٿو.

طب سنواريو

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: جگر ۽ معدي کي، ميل: ______، عيوض: ___-، وزن: ضرورت مطابق.

سڃاڻپ: هي جانور ٻلي کان گهڻو ننڍو، سڄو ڪنڊن سان ويڙهيل ڪوئي جي شڪل تي، ڪاري رنگ جو ٿئي ٿو.

خاصيت: فالـج، جلندر، عضون جي سيٽجڻ، داءِ الفيل، جذام، گردي جي سور، ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ مفيد آهي. هن جي کل ٽانڊن تي رکي موڪن کي اُن جو دونهون ڏبو، ته موڪن کي ساڙي ڪيرائيندو ۽ بواسير جي رت کي بند ڪندو.[4]

حوالا سنواريو

ڪتاب- سنڌ جي جھنگلي جيوت- مصنف- بدر ابڙو- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي آرڪائيو ڪيا ويا 2018-12-26 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

  1. سانچو:MSW3 Hutterer
  2. Molur, S. (2008). Hemiechinus collaris. In: IUCN 2012. IUCN Red List of Threatened Species. Version 2012.2.
  3. Molur, S. (2016). "Paraechinus micropus". The IUCN Red List of Threatened Species (IUCN) 2016: e.T40609A22326424. doi:10.2305/IUCN.UK.2016-2.RLTS.T40609A22326424.en. http://www.iucnredlist.org/details/40609/0. Retrieved 10 November 2017. 
  4. ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر ؛ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.