ٽلٽيءَ جي جنگ کان پوءِ سنڌين ٻي ويڙھ ارغون لشڪر سان جھالار جي ميدان ۾ لڙي. انھيءَ ويڙھ ۾ سنڌين جي لشڪر جي اڳئين حصي جي اڳواڻي ڄام ھيبت خان (Haibat Khan) ڪئي. ڄام ھيبت خان، ڄام صلاح الدين جو پُٽ، سلطان مظفر گجراتيءَ جو ناٺي ۽ سنڌ جي حاڪم، ڄام سنجر جو پڙ پوٽو ھو.

گجرات جي حاڪمن سان سنڌ جي سمن جي سڱاوتي آڳاٽي ھئي. ھي ٻئي خاندان، اصل ۾ راجپوت ھئا، جيڪي پوءِ مسلمان ٿيا. فرق رڳو ھيءُ آھي ته سَما، چندر ونشي راجپوت (Chandawanshi Rajpoot) ھئا ۽ گجرات جا مظفريه حاڪم، سورج ونشي راجپوتن (Sooraj Wanshi Rajpoot) مان ھئا.

پھريون سَمون حاڪم ڄام جوڻو (jaam Joonno) ھو، جنھن مظفريه بادشاھن سان مٽيءَ مائٽيءَ وارو رستو رکيو. ڄام جوڻي جي ھڪ ڌيءُ سان گجرات (Gujraat) جي حاڪم محمد شاھ شادي ڪئي. اُنھيءَ مائيءَ پيٽان گجرات جو ناميارو حاڪم محمود بيگڙو پيدا ٿيو. اُنھيءَ بادشاهه پنھنجي ماءُ جي يادگار طور ننگر پارڪر ۾ ھڪڙي مسجد ٺھرائي، جنھن جا آثار اڃا تائين موجود آھن. اُنھيءَ سڱاوتيءَ کان پوءِ گجرات ۽ سنڌ جا حاڪم پيا ھڪ ٻئي سان مِٽيون مائٽيون ڪندا ھئا. جڏھن به ڪو سنڌي ڪنھن ڳالھ تان ناراض ٿيندو ھو ته گجرات ھليو ويندو ھو.

جھالار جي جنگ جي محرڪ ڄام صلاح الدين جي ڀيڻ، گجرات جي شاھي خاندان ۾ پرڻايل ھئي ۽ سندس پُٽ ھيبت خان يا فتح خان جي گھر ۾ گجرات جي بادشاهه جي ڌيءُ ھئي.

ھيبت خان، ڏاڍو بھادر، دلير ۽ محب وطن ھو. جنگ جھالار ۾ جڏھن جنگ لاءِ صِفن جي ترتيب شروع ڪئي ويئي ته کيس مقدمة الجيش (مُھاڙي دستي) جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو ھو. اِنھيءَ جنگ ۾ ھُو ڏاڍي بھادريءَ، دليريءَ ۽ حُب الوطنيءَ سان وڙھندي، وطن لاءِ سِر ڏيئي سرھو ٿيو. اھا جنگ 1520ع ۾ لڳي ھئي. [1] [2]

حوالا سنواريو

  1. سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ (عبدالواحد آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-02-26 
  2. ڪتاب: سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ، ليکڪ: عبدالواحد آريسر