ڄام صلاح الدين ٻيون
ڄام صلاح الدين
ڄام صلاح الدين ٻيون | |||||
---|---|---|---|---|---|
سنڌ جو سلطان | |||||
مارچ 1512 کان آڪٽوبر 1512 | |||||
پيشرو | ڄام فيروز | ||||
جانشين | ڄام فيروز | ||||
| |||||
گهراڻو | سمو | ||||
شاھي گھراڻو | سمن جي بادشاھي | ||||
پيءُ | ڄام نظام الدين سمو | ||||
مذھب | اسلام |
صلاح الدين صرف اٺ مهينا (مارچ کان آڪٽوبر 1512ع) سنڌ جو حڪمران رهيو.
تفصيلي تعارف
سنواريوسندس دور ۾ ڪڇ ۽ گجرات سان سنڌ جا سڄا لاڳاپا وري قائم ٿيا. ڄام صلاح الدين جي حڪومت ڪيئن رهي؟ ان متعلق مير معصوم لکي ٿو: ”ڄام صلاح الدين ٺٽي جي شهر ۾ بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو ۽ ڄام فيروز جي ماڻهن تي وٺ پڪڙ ۽ چٽيون وجهي مال طلب ڪرڻ لڳو.“سنڌ جو هي شهزادو غلط ڪارڪردگي ۽ دريا خان جي حڪمت عمليءَ سان صرف اٺ مهينه حڪمراني ڪري سگهيو. ياد رهي ته ڄام صلاح الدين سمن جي مشهور بادشاه ڄام سنجر جو پوٽو هو. [1][2]