ڃوڃڻ سنڌي ٻوليءَ جو قديم لفظ آهي، جيڪو سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ اڄ به مالدار ماڻهو ڪم آڻيندا آهن.

استعمال سنواريو

کير ڏيندڙ جانورن، جهڙوڪ: ڳئون يا مينهن کي ڀاڳيا ڏُهائيءَ وقت پوين ڄنگهن ۾ جيڪو ونگ ۽ ڍنگ وجهندا آهن، اُن کي لاڙ ۽ ڪوهستان (خاص ڪري ٿاڻي بولا خان کان ٺٽي تائين) ۾ ’ڃُوڃڻ‘ چوندا آهن. ٻئي طرف ٿر واري علائقي ۾ ان ساڳئي لفظ کي ’نهَنجڻ‘ چيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ڏُهائيءَ وقت ڳئون جو ڦَر، گابو يا گابِي، ڳئون جي اڳينءَ ڄنگهه سان ونگ ڏئي ٻڌبي آهي، اُن کي پڻ ’ڃُوڃڻ‘ چوندا آهن.

اکري بيهڪ سنواريو

جيئن ته ’ڃ‘ اکر جا لفظ تاريخ جي قديم زرعي دؤر کان پوءِ گهڻي ڀاڱي عام وهنوار واري ٻوليءَ مان ختم ٿي ويا آهن، پر خوشقسمتيءَ سان هي ’ڃ‘ سان شروع ٿيندڙ هڪ لفظ، ڃ اکر جي باقيات طور اڄ به مستعمل آهي. اُتر طرف ’ڃ‘ اکر، ’ن‘ ۾ تبديل ٿيڻ ڪري، اُتي ’ڃوڃڻ‘ يعني ’ونگ‘ کي ’نونڃڻ‘ چوندا آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012