ڀڪتي باروي:(انگريزي: Bhakti Barve) انڊيا جي فلم، ٽيليويزن ۽ ٿيئٽر جي اداڪاره جنھن مراٺي، گجراتي ۽ ھندي ۾ ڪم ڪيو. ھي ذ10 سيپٽمبر 1948 ۾ پيدا ٿي ۽ 12 فيبروري 2001 ۾ مھاراشٽر جي ھڪ روڊ جي حادثي ۾ گذاري وئي. ھن ڪندن شاھ واري 1983 جي مشھور ھندي فلم جاني ڀي دو يارو ۾ نصيرالدين شاھ، روي باسواڻي ۽ ستيش شاھ سان ڪم ڪيو. [1] ھن زياده تر ٿيئٽر ۾ ڪم ڪيو جن ۾ انڊين نيشنل ٿيئٽر، رنگايان ۽ ٿيئٽر يونٽ ۾ ڪم ڪيو. کيس 1990 ۾ انڊيا جي نيشنل اڪيڊمي آف ميوزڪ، ڊانس اينڊ ڊراما طرفان سندس مراٺي ٿيئٽر ۾ بھترين اداڪاري جي ڪري سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ ڏنو. [2] ھن اداڪار شفيع انعامدار سان شادي ڪئي جيڪو 1996 ۾ وفات ڪري ويو.[3]

ڀڪتي باروي
فائل:Bhakti Barve (1948 – 2001).jpg
پيدائش 10 سيپٽمبر 1948(1948-09-10)
سانگلي, بمبئي اسٽيٽ،انڊيا
وفات 12 فيبروري 2001 (عمر 52 سال)
مھاراشٽر، انڊيا
ٻيا نالا ڀڪتي باروي انعامدار
جيون ساٿي شفيع انعامدار

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. The Oxford companion to Indian theatre, by Ananda Lal. Oxford University Press, 2004. ISBN 0-19-564446-8. page 37.
  2. Bhakti Barve Inamdar 1990 Sangeet Natak Akademi Award Official listing.
  3. "Tee Phulrani leaves an aching void on stage and screen". Screen. حاصل ڪيل 8 September 2012.