ڀوڏيسر:(انگريزي: Bhodisser) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر جو قديم شھر جو نالو آهي. هيءُ ننگرپارڪر کان 4 ميل اتر – الگهندي ڀوڏي سوڍي 1375ع ڌاري ٻڌايو هو. هتي هڪ وڏو تلاءُ 400X200 فوٽ آهي، جنهن جي ڪناري تي قديم قبرستان ۽ ڀرسان عاليشان مسجد آهي، جا گجرات جي حاڪم بهمني خاندان جي سلطان محمود شاهه بيگڙي بن مظفر 1505ع ۾ ٺهرائي هئي. هيءَ مسجد 30 چوپرس فوٽ آهي. هتي جين ڌرم وارن جو عاليشان مندر پڻ آهي[1].


حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو