|

Bhubaneswar
ଭୁବନେଶ୍ୱର
From Top; Left to Right: Udayagiri and Khandagiri Caves, Lingaraj Temple, Rajarani Temple, Nandankanan Zoological Park, Dhauli Shanti Stupa, KIIT School of Management, C. V. Raman College of Engineering and Biju Patnaik International Airport
عرفيت: Temple City of India
Smart City of India
Country  ڀارت
State Odisha
District Khordha
نالو پيو Lord Shiva's name: Bhubaneswar
حڪومت
 • قسم Mayor–Council
 • مجلس Bhubaneswar Municipal Corporation (BMC)
 • Mayor Anant Narayan Jena (BJD)
 • Municipal Commissioner Krishan Kumar (IAS)
 • Police commissioner Shri Yogesh Bahadur Khurania (IPS)
پکيڙ
 • شھر 422 ڪ.م2 (163 ميل2)
بلندي 45 ميل (148 ft)
آبادي (2011)[1]
 • شھر 837,456

ڀوبينسور (انگريزي ٻولي: Bhubaneswar) اوڙيسا رياست جي گاديءَ جو هنڌ ۽ هندستان جي وڏن شهرن مان آهي، جيڪو 15” 210 اتر ويڪرائي ڦاڪ 850 15’ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، سمنڊ جي سطح کان 45 ميٽر اوچائي تي واقع آهي. هي شهر مذهبي اڏاوتن، خاص طور تي مندرن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي.[2]

هن وقت به هتي 500 مندر سالم حالت ۾ موجود آهن. ٽي هزار سال پراڻي تاريخ رکندڙ هي شهر ڪنهن سمي ڪلنگا جي گاديءَ جو هنڌ هو. هتي ئي اشوڪ اعظم ۽ ڪلنگا جي وچ ۾ 200 ق. م ۾ تاريخي جنگ لڳ هئي، جنهن جي نتيجي ۾ اشوڪا جي سلطنت قائم ٿي. هي پراڻي زماني ۾ ’اوڏر ديش‘ ڪري سڏبو هو. ڀوبينسور کان 8 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي دائولي گري (Dhauligiri) نالي ماڳ آهي، جتي اشوڪ اعظم سان 261 ق. م ۾ وڏي جنگ لڳي هئي. انهي جنگ ۾ تمام گهڻا ماڻهو مارجي ويا هئا. اها رتوڇاڻ ڏسي اشوڪ اعظم کي جنگ کان نفرت ٿي پئي، حالانڪه هُو فاتح هو، پر پوءِ انساني رت جي هن راند کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندي ٻڌ ڌرم اختيار ڪيائين.[2]

هن وقت هندستان جو تمام وڏو صنعتي شهر ليکيو وڃي ٿو. جڏهن ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان هي شهر هندستان جي ڀوپال، حيدرآباد ۽ لڌيانه کان پوءِ وڏي ۾ وڏو شهر ليکجي ٿو. ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب ڪاروباري لحاظ کان هندستان جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. هتي ڪيترائي صنعتي پارڪ (Parks) قائم ڪيل آهن. جن مان آءِ. ٽي پارڪ (I.T. Park)، انفو سسٽم ۽ سٽيام ڪمپيوٽر سروس لميٽڊ، ايڪسپورٽ پروموشن انڊسٽريل پارڪ (EPIP) وغيره مشهور آهن. کنداگري (Khandagiri) جي ڀرسان قائم ڪيل آءِ. ٽي. پارڪ ۾ 5000 ماڻهو هڪ ئي وقت تربيت وٺي سگهن ٿا. هن شهر کي پنهنجي الڳ ريلوي اسٽيشن آهي، جڏهن ته بجو پاتنيڪ (Biju Patnak) نالي سان هڪ ايئرپورٽ به آهي. ريل توڙي هوائي رستي سان هي شهر هندستان جي سڀني وڏن شهرن سان ڳنڍيل آهي. تعليمي لحاظ کان هتي هيٺيان ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. (1) زاويئر انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ (Xavier Institute of Management) سڄي هندستان جو مينيجمينٽ جو وڏو ادارو آهي. (2) اٽڪال (Utkal) يونيورسٽي، (3) دي انسٽيٽوٽ آف فزڪس، (4) انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، (5) نيشنل انسٽيٽيوٽ آف سائنس ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ (NISER)، (6)انسٽيٽيوٽ آف ميٿيميٽڪس اينڊ ايپليڪيشنس (IMA)، (7) آءِ. ٽي. ڀوبينسور، (8) اوڙيسا يونيورسٽي آف ايگريڪلچر اينڊ ٽيڪنالاجي وغيره. ان کان سواءِ به هتي 200 کان مٿي پرائيويٽ ادارا تعليم جي ميدان ۾ اهم ڪردارا ادا ڪري رهيا آهن. 2000ع ۾ هتي جي ڪل آبادي 19000000 (هڪ ڪروڙ نوي لک) هئي، جنهن ۾ 56 سيڪڙو مرد ۽ 44 سيڪڙو عورتون هيون. 2001ع جي هڪ رپورٽ موجب تعليم جي شرح 79 سيڪڙو آهي. هتي جي ٻولي اوريائي (اوڏڪي) آهي، پر مارواڙي، پنجابي، بنگالي ۽ تيلگو زبانون به ڳالهايون وڃن ٿيون. سڄي اوڙيسا صوبي وانگر هتي به گهڻي ڀاڱي جگنناٿ جا پوئلڳ موجود آهن.[2]

جيئن ته هي مندرن جو شهر آهي ۽ هتي هر مذهب جا مندر ججهي تعداد ۾ موجود آهن. جن مان ڪن اهم مندرن جو وچور ڏجي ٿو: (1) سڀ کان مشهور ۽ خوبصورت مندر لنگراج (Lingraj) آهي، جيڪو وڏي چوديواري اندر محفوظ آهي. هي شِوَ جو مندر آهي، جيڪو زميني سطح کان 55 ميٽر اوچو آهي. هتي غير هندو ماڻهن کي اچڻ جي منع ٿيل هئي، پر انگريزن جي دور کان وٺي سياحن کي اجازت ڏني وئي آهي، (2) پوراسورا ميسوارا مندر (Purasura mesvara Temple)، (3) مڪتيسوارا مندر (Muktesvara Temple)، (4) راجا راني مندر (Raja Rani)، (5) وئيتال مندر (Vaital Temple)، (6) برهميسوارا مندر (Brahmesvara Temple)، (7) ميگهيشوارا مندر وغيره. ان کان سواءِ ڪجهه نوان مندر به ٺهيا آهن. ڀوبينسور کان اٺن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي جين ڌرم وارن جون غارون آهن، جيڪي کانديگري (Khandagiri) ۽ اڌياگري جي پهاڙن ۾ آهن. هنن غارن ۾ اندر چٽ ۽ اُڪر جو ڪم ٿيل آهي. تحقيق موجب اهي ماڳ 2 (ٻئين) صدي ق.م جا آهن. انهن مان هڪڙي کي راڻي غفا ۽ ٻئي کي هاٿِي غفا ڪري سڏين ٿا.[2]

  1. "Cities having population 1 lakh and above" (PDF). Census of India, Government of India. حاصل ڪيل 2 November 2011. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.