ڀرت :(انگريزي: Embroidery ) سنڌ جو ڀرت ته اهڙو عاليشان ٿيندو آهي جو ٻاهرين، پرديسين کي به اڱريون واتين اچيو وڃن! هونءَ ته ڪٽاھ – مڪي- (مقيس) –زري ۽ ڏورن جو عام رواج آهي پر پور تي سنڌي زالون اهڙو ڀري وينديون،جو عقل چرخ ٿيو وڃي. ان کان سواءِ موتين ٽِڪن، ڪچ ڪوڏين جو به اهڙو ڪم رکي وينديون جو ڏٺي پئي دل خوش ٿيندي. ٻين ملڪن ۾ به پؤرن جي ڇر گهڻي ٿيندي آهي، پر پؤرن تي ڀرت ڪنهن به ملڪ ۾ ڪونه ٿئي، سواءِ سنڌ جي. سنڌ ۾ ڇر جي پؤرن جا گهڻا قسم ٿيندا آهن، جن تي ڀرت ٿيندو آهي. انهيءَ پؤرن واري ڀرت کي زالون ” هرمچ“ جو ڀرت چونديون آهن. ”هر مچ“ جي ڀرت ۾ گهڻو ڪري هي پور مشهور آهن. جيئن ته: ”ڪانءَ پير“ ”مشڪرو“ ”ٻٽو ڪوٽ“، ”منو ڪوٽ“، ” ٽه مکو گل“، ”چئومکو گل“، ”جنجيرو“، ”پتاشو“، ”پوپٽ“، ”نانگيل“، ”ڪُنگري“، ”سرندڙو“ وغيره. انهن ڀرت جي نالن کي سنڌ جي مشهور سگهڙ ”سانوڻ“ چڱو ڳايو آهي، سندس هڪڙو بيت انهن نالن سان آهي:


(بيت)
ساراهيان سچو ڌڻي جو صاحب رب ستار،
اپت کپت ان جي، ڪيئن ڀري ڪلتار،
عمر آندي مارئي، ٻيلهه کڻي ٻڪرار،
سهسين ڪيائين سيگهه مان، ڪارڻ ڪوڏ ڪنوار،
اچڻ سان ارزان ڪيئين، تهتان طعام تيار،
کٽون خوب خوشيءَ مان، هندورا هزار،
طول وهاڻا تن تي هئا، سيج بند سينگار،
سهسين وڇائيون سوڙيون، بيلن سان بسيار،
ارزان اوت عنبير ڪيا، هندن تي هٻڪار،
ڪپڙا آندئين قيمتي، ڪي ذاتيون زريدار،
پٽ پٽيهر بافتا، سرسالون ٻيا سينگار،
‎روا پرهين روح تي،ٻيا سبوٽا ۽ سالار،
ڪچ ٻانڌڻون، ڪان پير، اکر ڪَتي ڪاروڪار،
مينهن پير، مورک پک، ٻگ، پُسي وري ڌار،
اَڪ ڦلڙي، اورنگي،رنگ ڪيمياگر ڪار،
پاٽويو، اکر مٿي، ٻيون چنڊوليون چوڌار،
راس رتيون، ريٽيون، ٻيون هالاري هزار،
خاصي اکر کينهوڙو، اکر ڪورڪي ڪار،
پوشيده پنج گُلابتون، سڄي ۾ سينگار،
ٻهون ٻيا ٻانڌڻا، گج ٻه گلن دار،
گل گلابي پٽ جا اڇا ڪارا ڪار،
ڦڪا نيلا پڌرا، ساوا سال سينگار،
‎سبو سبڻ واريون، مَلُوڪئون موچار.

هي بيت اڃا وڏو آهي،جنهن ۾ سڀني ڳَهن جو به ذڪر آهي، جو اڳتي لکبو . سنڌ جون زالون پورن جي ڇر تي اهڙو ته ڀري وينديون آهن. جو واه واه ٿيو وڃي. پؤر جي ڇر کي پهرين سٽ يا پٽ سان ڪَچو ڪن، پوءِ ان کي ڀري پڪو ڪنديون آهن. انهن ڀرتن سان، پوتيون، ڇئون، ٻانڌڻيون، چاندنيون، گج، لاوڻيون، پائچا وغيره ڀرينديون آهن. ان کان سواءِ ٻه پڙين اجرڪن جي وچ ۾ ” کير يا ڪنڊڙر“ به واه جو هڻنديون آهن. کير يا ڪنڊڙو ٻه پڙن کيسن يا کٿن کي به هڻنديون آهن. وڏي ڳالهه ته هي آهي ته ڇرين به پاڻ، ته ڀرين به پاڻ. سبڻ ڀرڻ جي سرندڙي سان گڏ پؤرن جي ڇٻڙي به ضرور هوندي اٿن.[1]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}