اشتقاق، ڀانڃ ___ (Etymology):[1][2]



اشتقاق عربي ٻوليءَ جي لفظ ”شق“ مان نڪتو آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”چيرڻ“ يا ”ٽڪرا ڪرڻ“. اصطلاح ۾، ڪنهن لفط کي ڀاڱا يا ٽڪرا ڪري ۽ ان هر هڪ ڀاڱي جي جدا جدا معنيٰ ڪڍبي آهي.سنڌيءَ ۾ ٻين ٻولين جا ڪيترا لفظ موجود آهن. جن ۾ سنسڪرت، عربي، فارسي، انگريزي، ترڪي اچي وڃن ٿا. اهڙن لفطن جا تاريخي ڌاتو ڳولڻ يا اشتقاق ڪڍڻ لاءِ انهن جو بنياد سندن اصلي ٻوليءَ ۾ ڪڍيو ويندو آهي. [3] اٽيمولاجي لفظن جي تاريخ ۽ انھن جي ابتدا جو علم آهي اھو ٻڌائيندو آھي ته وقت سان گڏوگڏ لفظن جون شڪليون ۽ مطلب ڪيئن تبديل ٿيندا آهن.[4]

حوالا سنواريو

  1. "Etymology word Sindhi Meaning, devanagari & Roman translation - Sindhi Dictionary". sindhyat.com. حاصل ڪيل 2021-09-30. 
  2. "Etymology | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2021-09-30. 
  3. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  4. The New Oxford Dictionary of English (1998) ISBN 0-19-861263-X – p. 633 "Etymology /ˌɛtɪˈmɒlədʒi/ the study of the class in words and the way their meanings have changed throughout time".