هي عام ۽ سادو جنگي هٿيار آهي. ڪاٺ جي لٺ وانگر ڊگهو ٿئي ٿو، جنهن جو منهن نوڪدار هوندو آهي، جنهن کي ڦر چوندا آهن. اها نوڪ گهڙبي به آهي، ڪنهن ڌاتوءَ جي به ٺاهي لڳائبي آهي. هن جي چهنب تکي ٿئي ٿي، جنهن شيءِ کي لڳندي، -ان- کي ڦاڙي وجهندي آهي. هن هٿيار جو ذڪر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ به ڪيو آهي: هـڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار، مٿـان تيـغ تـرار، مـار ته موچارو ٿئين.[1]