ڀاشا ديامير ڊيم (انگريزي: Diamer-Bhasha Dam)، ڪنڪريٽ يا پٿرن سان جڙيل ڪشش ثقل ڊيم آهي، جيڪو هن وقت تعمير جي شروعاتي مرحلن ۾ آهي، هي ڊيم سنڌو درياهه مٿان گلگت بلتستان واري علائقي ۾ جوڙيو پيو وڃي. هن ڊيم جو افتتاح پاڪستان جي اڳواڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني 18 آڪٽوبر 2011ع تي ڪئي. تعمير کان پوءِ ديامير ڀاشا ڊيم ڪنڪريٽ سان جوڙيل دنيا جو سڀ کان وڏو ڊيم هوندو.[3] هن ڊيم جو نالو ديامير ضلعي جي ڀاشا علائقي ۾ واقع هجڻ ڪري پيو.

Indus river and tributaries, data based on The Times Atlas of the world
ديامير ڀاشا ڊيم
ڀاشا ڊيم is located in Pakistan
ڀاشا ڊيم
Location of ديامير ڀاشا ڊيم in Pakistan
ملڪ پاڪستان
جڳهه گلگت بلتستان
مڪانيت 35°31′10.2″N 73°44′21.1″E / 35.519500°N 73.739194°E / 35.519500; 73.739194مڪانيت: 35°31′10.2″N 73°44′21.1″E / 35.519500°N 73.739194°E / 35.519500; 73.739194
موجوده حالت ابتدائي تعميري مرحلو
تعميراتي شروعات 18 آڪٽوبر 2011
جُڙي راس ٿيو 2028[1] (اندازن.)
تعميراتي خرچ 14 ارب آمريڪي ڊالر (2013ع جو ڪاٿو)[2]
مالڪ واپڊا
بند ۽ سلپ وي
ڊيم جو قسم ڪشش ثقل، آر سي سي
بند جي جاءِ سنڌو درياهه
اوچائي 272 m (892 ft)
تلاءُ ۽ گنجائش
مجموعي گنجائش 10٬000٬000٬000 m3 (8٬107٬132 acre·ft)
استعال ٿيندڙ گنجائش 7٬900٬000٬000 m3 (6٬404٬634 acre·ft)
بجلي گھر
چرخي (ٽربائين) 12 x 375 ايم ڊبليو
تنصيبي استعداد  يا گنجائش 4,500 ايم ڊبليو
سالياني پيداوار 19.028 TWh (لڳ ڀڳ)

مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هن ڊيم مان ماحول دوست هائڊرو پاور ذريعي 4500 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي؛ (ب) 8،500،00 ايڪڙ فوٽ پاڻي محفوظ ٿيندو جيڪو ذرعي آبادي جي لاءِ ڪتب آندو ويندو؛ (ٻ) هن ڊيم جي تعمير کان پوءِ تربيلا ڊيم جي عمر 25 سال وڌيڪ وڌي سگھي ٿي؛ ۽ (ت) مها ٻوڏ جي دوران هن ڊيم جي مدد سان صورتحال کي قابو ۾ ڪري سگھجي ٿو.

ڀاشا ڊيم کي ڪالاباغ ڊيم سان ڀيٽيندي انجنيئر انور خورشيد جو چوڻ آهي ته ”ڀاشا ڊيم ڪالاباغ ڊيم جو متبادل نٿو ٿي سگھي، جيتوڻڪ هي ڊيم وڌيڪ اوچائي تي آهي، پر هن پٿريلي زمين سبب ڀاشا مان ڪو ڪينال ڪڍڻ ممڪن ناهي. سنڌو درياهه ۾ جوڙيل ڊيمن مان ڪالاباغ واحد ڊيم آهي جنهن مان ڪينال ڪڍي سگھجن ٿا“.[4]

هن ڊيم جو سلپ وي 272 ميٽر اوچو هوندو، جنهن ۾ 14 در لڳل هوندا، هر در جي ويڪرائي 11.5 ميٽر ۽ اوچائي 16.24 ميٽر هوندي. هن ڊيم ۾ 81،00،000 ايڪڙ فوٽ پاڻي محفوظ ڪري سگھجي ٿو جڏهن ته وهندڙ پاڻي 6،400،000 ايڪڙ فوٽ محفوظ ڪري سگھجي ٿو. هن ڊيم لاءِ ٻه زير زمين بجلي گھر پڻ تجويز ڪيل آهن، جيڪي ڊيم جي ٻنهي پاسن کان هوندا ۽ جن ۾ 6 چرخيون (ٽربائين) لڳل هوندا جنهن جي مدد سان 4500 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي.

ڊيم ٺهڻ واري جڳهه کي ڊيم لاءِ ناموزن قرار ڏنو ويو آهي،[5] ان سان گڏ سنڌ هن ڊيم تي اعتراض واريا آهن. [6]

پسمنظر سنواريو

2006ع جي جنوري ۾ پرويز مشرف جي حڪمراني هيٺ حڪومت پاڪستان 5 گھڻ رخا ڊيم 10 کان 12 سالن ۾ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. اعلان مطابق ديامير ڀاشا ڊيم پهرين مرحلي ۾ جوڙڻو هو.[7] 2008ع جي نومبر ۾، قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ڊيم واري منصوبي کي منظور ڪيو. پاڪستان جي آئيني باڊي گڏيل مفادن واري ڪائونسل پڻ هن ڊيم جي تعيمر لاءِ راضپو ڏيکاريو. هن ڊيم جي بنياد جو پٿر پاڪستان جي وزير اعظم 18 آڪٽوبر 2011ع تي رکيو.[3]

تعمير ۽ خرچ سنواريو

نومبر 2008ع تي ھن ڊيم تي ايندڙ خرچ اندازن 12.6 ارب ڊالر ھو.[8] جنھن ۾ 81 ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش ھئي. ھن ڊيم مان 4500 ميگا واٽ بجلي پڻ پيدا ٿيندا.[9]

حوالا سنواريو