ڀائيچارو، تعلقداري يا لاڳاپو جو اصطلاح رياستن وچ ۾ عام رواجي لاڳاپن جي هوندي، سندن شهرين يا فردن وچ ۾ موجود خاص ۽ ويجهن لاڳاپن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هي اصطلاح جڏهن به رياستن وچ ۾ ويجهڙائيءَ جي پڌارائي ڪري ٿو، ته اُن جو مطلب ٿيندو ته ان سان ”بين الاقوامي سماج“ واري تصور کي چٽو ڪري سگهجي. هن اصطلاح جترڇي لکتو عام استعمال بيٺڪي ۽ سامراجي دور ۾ عام جام ٿيو، خاص ڪري فرانس پنهنجي بيٺڪن جي حوالي سان اهڙو استعمال تمام گهڻو ڪيو. ”ڀائيچاري“ جو اُصول پهريون ڀيرو 1910ع ۾ فرانس جي نظريي دانن ۽ بيٺڪي راڄ جي منتظمن فرانس جي اندر موجود عوامي جمهوري سرشتي ۽ سندس قبضي هيٺ آيل بيٺڪن ۾ لاڳو ڪيل سامراجي نظام وچ ۾ ويجهڙايون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان متعارف ڪرايو. ان ڪري جو برطانيائي روين جي اُبتڙ فرانس ٻين مُلڪن تي ڪيل قبضن بابت سدائين بيچيني ڏيکاري. جيئن ته فرانس ۾ ”آزادي، مساوات ۽ خوشحالي“ جي نعري هيٺ جمهوري نظام قائم ٿي چُڪو هُئو، تنهنڪري ان لاءِ پرڏيهي قبضن جي وڪالت ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو. ان صورتحال جي تقاضا هُئي، ته قبضي هيٺ آيل علائقن کي باعزت طريقي سان فرانسيسي جمهوريت جو حصو بڻائجي. اهڙي خصوصي واسطيداريءَ کي ذهن ۾ رکندي، بيٺڪن کي ماتحت سمجهندي به، فرانس کين ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي تائين پاڻ سان سلهاڙي رکيو ۽ بيٺڪي راڄ جي شهرين کي فرانس جي شهريت سميت ڪيترا حق ڏنا. ٻئي طرف برطانيا ۾ هيءُ اصطلاح 1967ع ۾ استعمال هيٺ آيو، جڏهن برطانيا جي اڳوڻين نو آبادين برطانيائي راڄ کان محدود آزادي گهُرندي، پاڻ کي الڳ رياست جي حيثيت ۾ تسليم ته ڪرايو، پر معاشي طور تي پاڻ ڀرو نه سمجهندي، پاڻ کي برطانيائي تاج سان سلهاڙي رکيو. ان جو هڪ مثال ”دولتِ مُشترڪه“ پڻ ٿي سگهي ٿو. ان کان سواءِ هي اصطلاح ڪنهن به اهڙي رضاڪار گروهه لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي ڪنهن گڏيل حاصلات جي لاءِ هڪٻئي سان تعاون ڪندي، پنهنجي اصل منزل تائين پُڄڻ لاءِ جاکوڙيندا آهن. مذهبي، ڪاروباري، سياسي، نظرياتي، سائنسي، علمي، ثقافتي ۽ سماجي حوالن سان بيشمار اهڙيون تنظيمون موجود آهن، جيڪي ڪنهن به معاملي ۾ هڪجهڙا رويا ۽ خيال رکندڙ فردن توڙي قومن کي گڏائي، ڪن خاص رُخن ۾ اڳڀرائي ڪن ٿيون. هم خيال فردن/ قومن وچ ۾ ”ڀائيچارو“ تمام هيٺاهين سطح تان شروع ٿئي ٿو ۽ تمام مٿانيهن، يعني بين الاقوامي سطح تائين تعاون، گڏپ ۽ دوستيءَ کي جنم ڏئي ٿو.[1]

حوالا سنواريو