ٿڙ: ٻوٽي جو ٿڙ: اسٽيم: Stem:

ٻوٽي جو ھڪ مرڪزي حصو جيڪو ٻج جي پوميول Phlumule سان ڀريل ھوندو آھي ۽ زمين کان ٻاهر روشنيءَ جي طرف مٿي ھوا ۾ واڌ ڪري ٿو جنھن تي پن گل ۽ ميوا پيدا ٿين ٿا. جنھن جاء تان ٿڙ جا پن نڪرن ٿا ان کي نوڊ چون ٿا ۽ ٻن نوڊس جي وچ وارو حصو انٽرنوڊ internode سڏبو آهي. ٿڙ پاڙ کان ايندڙ سيپ sap کي، جيڪو پاڻي ۽ لوڻ تي مشتمل ٿئي ٿو، مٿي پنن تائين پھچائي ٿو ۽ پنن ۾ تيار ٿيلنشاستي کي واپس ٻوٽي جي سڀني حصن تائين رسائي ٿو. ٿڙ جي مخصوص شاخن تي گل ڦٽن ٿا جيڪي بعد ۾ ميوو ۽ ٻج ٺاھين ٿا ۽ ٻوٽي جا توليدي حصا سڏبا آهن.