ٿوھر
ٿوهر (انگريزي: Cactus) ھڪ ٻوٽي جو نالو آهي سنڌ ۾ عام ڪو نه ٿئي، ڪوٽڙيءَ کان پرتي ڪراچي طرف جيڪا پٿرائتي ڳاڙهي زمين آهي ان ۾ جام ٿئي ٿو ۽ ڪراچيءَ جي ويجهو ملير وٽ تمام گهڻي انداز ۾ ٿئي ٿو. ٿر ۾ جيئن مهراڻي يا رڻ جي ڪنڌيءَ کي ويجهو تيئن ٿوهر جام. جيئن پرتي اوڀر ڏي تيئن گهٽيا ويندا، تان جو ڇاڇري تعلقي جي وچ ۽ اوڀر واري ڀاڱي ۾ ٿوهرن جو نشان به ڪو نه لڀي. ٿوهر ٻڪرين ۽ ڇيلڙين لاءِ ڏڪار جي وقت ۾ واحد آسرو آهن. جنهن سال برساتون ڪو نه پون، گاهه ڪو نه اڀرن، چاري جي لاءِ پن نالي کي نه ڏسجي، تڏهن اهي ٿوهر ئي آهن جن جي شاخن جون ڪچڙيون چوٽيون ڳاڙهن گلڙن واريون کير سان ٽمٽار ٿيل، ٻڪرين جي جياپي جو وسيل آهن. ڪي ٿوهر ايڏا وڏا هوندا آهن جو درخت پيا نظر ايندا آهن بعضي سندن پکيڙ زمين جا ڏهه پندرهن فوٽ همچورس والاري ويندي آهي. سياري جي موسم ۾ مسافرن لاءِ ٿوهر سيءَ لاهڻ جو نسخو آه[3]ي. ٿوهر جي ڪاٺي وري اهڙي ٻري، جهڙو اڳڙين جو موئرو يا ڪا تيل جي ڏياٽي ٻري. جيئن سخت هوا لڳي تيئن شعاع ۽ شعلو ڪري. ٿوهر جي وڻ ڀٽن ۽ لاهن تي، ننڍن دڙن ۽ مٿاڇري واري ڪُنئري زمين تي جام ٿئي. ڏهرن جي سخت زمين ۾ ڪونه اُڀري، تنهنڪري مهراڻي، ڇاڇري شهر کان اولهه طرف سڄي تعلقي ۾، مٺي تعلقي جي به اتر-اولهه ۾ جام ٿئي. اسلام ڪوٽ کان ڏکڻ-اوڀر ۽ ڇاڇري تعلقي جي اوڀر پاسي سڄي ڪنٺي واري ڀاڱي ۾، جتي وڏا ڏهر ۽ زمين ڪجهه سخت آهي، اتي نالي ماتر به ڪونه ٿئي. کائڙ ۾ به ڪونه ٿئي، البت ننگرپارڪر جي ڪارونجهر ٽڪريءَ ۾ ٿيندو آهي.[4]. هن جو ٿڙ هڪ هوندو آهي، مگر زمين سان لاڳو ان مان ٽاريون اهڙيءَ طرح نڪرنديون آهن، جو چوڌاري زمين جي سنوت ۾ پکڙيون پيون هونديون آهن، ۽ هڪ يڪو گهاٽو مُڇو پيو لڳندو آهي، ٽاريون روُل جهڙيون ٿلهيون ۽ ڦيڦيون ٿينديون آهن جن کي ”ڏانڊا“ چئبو آهي. ٽاريون روُل جهڙيون ٿلهيون ۽ ڦيڦيون ٿينديون آهن جن کي ”ڏانڊا“ چئبو آهي، جن ۾ اندر نرم ڳڀ ۾ اڇو کير ٿيندو آهي جو دوائن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو آهي. ٽارين تي ننڍا، پر تکين چُهنبن سان ڪنڊا ٿيندا آهن. ٽارين جي ڇيڙن تي ننڍا ڳاڙها گل ٿيندا آهن، جي ٻڪريون چاهه سان کائينديون آهن. هن ۾ پن تمام ننڍا مائيدار ٿين. ٿوهر جو ڏانڊو ڪپي برساتي موسم ۾ زمين ۾ هڻي ڇڏبو ته اُڀري وڻ ٿي ايندو. ڏڪار ۾ جڏهين برسات نه پوندي آهي، تڏهين ٻيا وڻ سُڪي ويندا آهن، يا ڪومائجي ويندا آهن، گاهه ته اصل ڪونه ٿئي، ان وقت به ٿوهر سائو ۽ سرسبز ٿيو بيٺو هوندو آهي. ٻڪريون ۽ ڇيلڙا پن ۽ گل کائي ڍؤ ڪندا آهن. هن ۾ رڳا ڏنڊا ڏنڊا ٿين، سي به اندر ڦيڦا، جي ڪنهن به ڪم ڪونه اچن. گهڻن سالن بعد نيٺ وڻ سُڪي اتي ئي ڍير ٿيو پيو هوندو آهي، جو نيٺ ڀڄي ڀُري ختم ٿي ويندو آهي ۽ وري نوان وڻ اُڀرندا آهن.[4]. ڪي ٿوهر ننڍا ۽ ڪي وڏا ٿيندا آهن، جن جي چوڌاري گهيرو ڪافي ٿيندو آهي. هي وڻ گرم آهي. سيري جو ڊاڀي ڪرڻ وقت مسافر ڪنهن مٿاهين هنڌ تي، ڀٽ جي تِڙڪول واري پاسي ٿوهر جو وڻ ڳولي، ان جي ڀرسان زمين ٻُهاري پاٿاري ٺاهي سمهي پوندا آهن ته سيءُ گهٽ پوندو آهي. ٿوري اوڇڻ هوندي به رات گذاري ويندا آهن. هن جا ڏنڊا ڦيڦا ٿيندا آهن، تنهنڪري سُڪڻ بعد جلد وڏو مَچ ڪري سڙندا آهن. بعضي سياري جو مسافر سيءُ لاهڻ لاءِ سُڪل ٿوهر نهاري تِيلي ڏيندا آهن ته هڪدم ڀنڀٽ ٿيو پوي ۽ چوڌاري ڪافي مفاصلي ۾ سيءَ جو نالو به ڪونه رهي، سيءُ لاهي وري روانا ٿين[4]
ٿوھر | |
---|---|
ٿوھرن جا قسم | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | ڪئريوفلالز |
ذيلي خاندان | |
هم معنيٰ[2] | |
|
حوالا
سنواريو- ↑ Angiosperm Phylogeny Group (2009). "An update of the Angiosperm Phylogeny Group classification for the orders and families of flowering plants: APG III" (PDF). Botanical Journal of the Linnean Society 161 (2): 105–121. doi:. http://onlinelibrary.wiley.com/doi/10.1046/j.1095-8339.2003.t01-1-00158.x/pdf. Retrieved 2013-07-06.
- ↑ Org, Registry-Migration.Gbif (Feb 14, 2017). Cactaceae. GBIF Secretariat: GBIF Backbone Taxonomy. doi:. https://www.gbif.org/species/2519. Retrieved April 16, 2017.
- ↑ ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ 4.0 4.1 4.2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو