ماهرن جو جوڙ، ڪَٺ، گروپ يا ٿنڪ ٽئنڪ، 1950ع جي ڏهاڪي کان بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هلندڙ اصطلاح، جنهن مطابق مُختلف رياستن اندر بظاهر ڪنهن به قوت جي مُداخلت کان وانجهيل، آزاد اهڙي اداري يا فردن کي think tank چئجي ٿو، جنهن کي تحقيقي ڪم جاري رکڻ لاءِ بنا ڪنهن سياسي دٻاءُ جي فنڊن جي فراهمي ٿيندي هُجي. اهڙو ادارو پرڏيهي پاليسي، سماجي پاليسي، حڪمت عملي، معيشيت، واپار ٽيڪنالاجي ۽ عالمي لاڳاپن جي مُختلف رُخن ۾ تحقيق ڪندو رهي ٿو ۽ آخر رياست جي انهن شعبن جي نئين سرجوڙجڪ واري عمل تي اثر انداز ٿئي ٿو. ڪا به رياست سندس ”پرگهور“ لهندي، کيس ڪن دائرن تائين محدود رکي ٿي ۽ اداري جي ”تحقيق“ جون حدون مقرر ڪري ٿي. سرد جنگ وارن ڏهاڙن ۾ انهن ادارن جي اهميت وڏي پئماني تي مڃي ويئي. اهڙا ڪجهه ادارا نجي شعبي ۾ به ڪم ڪن ٿا ۽ دُنيا ۾ لڳ ڀڳ 6 هزار اهڙا ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان هڪ اڀياس موجب آمريڪا ۾ هن مهل اهڙن ادارن جو تعداد 2 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي. اڄڪلهه جي حالتن مطابق ٿنڪ ٽئنڪ، هڪ اهڙو سرڪاري يا غير سرڪاري تحقيقي ادارو سڏجي ٿو، جيڪو جمهوري معاشري ۾ پاليسي جوڙڻ، گهڻ رُخي سوچ ترتيب ڏيڻ، صاف شفاف تجربا ڪرڻ، صورتحال ڪٿڻ سميت فيصلا سازيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. اڄڪلهه ماحوليات، ڀونءِ واد يا گلوبلائيزيشن (Globalization) ۽ سياسي معيشت جي حوالي سان انهن ادارن وڏي اهميت اختيار ڪري ورتي آهي.[1]