پکيڙ، وُسعت، ڦهلاء، دائروُ، يا سڪوپ (Scope) هڪ اهڙي صلاحيت آهي، جنهن ذريعي ڪنهن به ڌُر يا رياست طرفان خاص معاملن جي حوالي سان اثراندز ٿيڻ جي درجي جي ڪَٿ ٿئي ٿي. هي تصور سگهاري سرشتي ۾ رياستن وچ ۾ لاڳاپن واري مرحلي ۾ استعمال ٿئي ٿو ۽ ان کان سواءِ اهو ڪنهن به رياست جي اختيارن جي دائري کي به واضح ڪري ٿو. مثال، ڪنهن به هڪ رياست وٽ موجود طاقت کي ٻيءَ رياست سان وڏائپ يا برتريءَ ڀريا لاڳاپا رکڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو گُرُ به Scope ذريعي ئي واضح ڪيو ويندو آهي. ان ذريعي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي آهي، ته بين الاقوامي لاڳاپا رڳو مُلڪن وچ ۾ سياسي لاڳاپا بحال رکڻ نه، پر زندگيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني اهم شعبن ۾ سهڪار ڪرڻ ۽ ان سهڪاري يا اڻ سهڪاري ورتائن جي ڪري رياستن جي هڪٻئي سان ناتن تي پوندڙ اثرن جو پڻ مُشاهدو ڪري ٿو. [1]


حوالا سنواريو