پکين ۾ ڪلوڪل ( cloacal) چميََ جو عمل
Cloacal kiss Process in Birds
_____________________________/
سنڌيڪار /هالار ننگر
پکين کي عضوو نہ هجڻ جي ڪري نسل پيدا ڪيئن ٿو ٿئي ۽ پکي ۾ ميلاپ ڪيئن ڪن ٿا !
هڪ عام ڳالهہ واضح ڪيان تہ"جاندار" (Organism) ۽ "جانور " (Animal) ۾ فرق ٿئي ٿو ، جاندار ۾ اسان وٽ جانورن جي سميت وڻن ۽ هڪ جيو گهرڙي وارا جاندار بہ اچي وڃن ٿا ۽ انهن وٽ ڪو عضوو نسل پيدا ڪرڻ وارو ناهي هوندو، نسل يان اسپچيز پيدا ڪرڻ وارو عضوو صرف جانورن ۾ ئي هوندو آهي -
ٻي ڳالهہ نسل پيدا ڪرڻ وارو عضوو سڀني جاندار ۾ ناهي هوندو، جيئن تہ توهان پکين جي باري ۾ ٻڌو هوندو تہ تقريبن 97 فيصد پکين کي نسل پيدا ڪرڻ وارو عضوو ناهي هوندو، تہ اتي سوال ٿو اڀري تہ پوءِ انهن ۾ Sexual عمل ڪيئن ٿو ٿئي؟
زياده تر پکين کي عضوو ناهي ٿيندو، هالانڪي انهن وٽ هڪ خاص قسم جو عضوو ٿيندو آهي جنهن کي اسين چئون ٿا (Cloaca) ، هي فيميل ۾ بہ ٿيندو آهي ۽ ميل ۾ بہ خاص طور تي هي پکين ۾ ۽ مڇيون ۽ (Reptiles) ۽ (Amphibians) جانورن ۾ ٿيندو آهي -
ميل پکين وٽ جيئن تہ عضوو نہ ٿيندو آهي تنهن ڪري اهي (Testicels) ياني خصي جي ذريعي پنهنجا اسپرم ٺاهيندا آهن بعد ۾ اهي اسپرم ميل جي (Cloaca) مان نڪري ڪري ٻاهر ايندا آهن پوءِ ميل (Cloaca ) فيميل (Cloaca) جي مٿان رکندو آهي تہ جيئن ان جا اسپرم فيميل ۾ منتقل ٿي وڃن، تنهن کي اسين سائنس ۾ (Sexual process ) بہ چئي سگهو ٿا پر پکين ۾ ان (Process ) کي خاص طور تي چئبو آهي (Cloacal kiss process) ، توهان اڪثر ڪري ڪڪڙ کي ڪڪڙي جي مٿان چڙهندي ڏٺو هوندو ايئن ئي کوڙ سارا پکي اهو عمل ايئن ئي ڪندا آهن جنهن کي اسين (Cloacal kiss process) چئون ٿا-
(Cloaca) بنيادي طور تي ٽي ڪم ڪندو آهي
پهريون ميل پنهنجا اسپرم ان مان خارج ڪندو آهي
ٻيون ان مان فيميل اسپرم وٺي ڪري ۽ آنا ڏيندي آهي
پکي پنهنجو فضل خارج ڪندو آهي پر ڪجهہ پکين ۾ عضوو ٿيندو آهي جيئن بطخ پر انهن پکين جي اسپچيز جو تعداد گهٽ آهي هن ڌرتي تي.