پڙ ڄڃ شاديءَ جي هڪ رسم، جنهن موجب جڏهن گهوٽيتا ڄڃ وٺي ڪنواريتن ڏانهن اچن تہ ڪنواريتا مذاق خاطر ڳوٺ کان ٻاهر اچي، لٺيون کڻي گهوٽيتن کي گهٽ وڌ ڳالهائين ۽ وڙهڻ لاءِ هوڪارين، ٻنهي ڌرين ۾ مصنوعي جنگ ٿئي، پوءِ پاڻ ۾ گڏجي کل مسخريون ڪندا هڪ ٻئي جي آجيان ڪندا آهن. اها رسم سنڌ ۾ اڃا بہ ڪن ڪن هنڌن تي ٿيندي آهي. اها رسم سنڌ ۾ ڪنهن آڳاٽي واقعي جو پڙاڏو لڳي ٿي.[1]

حوالا سنواريو

  1. "پڙ ڄڃ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-09-30.