سڏ يا پڙاڏو (Echo) هن اصطلاح جي جتوڻيڪ لغوي معنيٰ آواز ۽ ان جي گونج يا پڙلاءُ آهي پر علامتي طور سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ ”سڏ پڙاڏي“ کي وڏي اهميت ڏني ويئي آهي. لوڪ شاعريءَ ۾ ”سڏ“ کي شاعري جي صنف طور بہ استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙو سڏ، جيڪو محبوب کي، مظلوم کي، مجبور کي، يا وري اتحاد لاءِ گڏ ٿيڻ، ملڻ، لاءِ پڪاريو وڃي ۽ اهو وري پڙلاءُ بڻجي پکڙجي وڃي. شاھ سائين فرمايو آهي تہ: پڙاڏو سوئي سڏ، ور وائيءَ جو جي لھين، هئا اڳهين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻہ ٿيا. سائين محمد ابراهيم جويي ۽ جي. ايم. سيد جي خطن جو ڪتاب بہ ”سڏ پڙاڏو“ آهي. ”پڙاڏو سوئي سڏ“ سراج ميمڻ جو ناول جو نالو بہ آهي[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.