پڌري (انگريزي: Padhri) سنڌ ۾ شادي کان اڳ جي ھڪ رسم جو نالو آهي. جڏھن ٻن خاندانن جي فردن وچ م شادي متعلق ڳالھ ٻولھ طئي ٿيندي آهي تہ ان جي پڌرائي ڪرڻ لاء اھا رسم ڪئي ويندي آهي. سنڌ جي ٻھراڙيءَ ۾ پراڻي دور ۾ پڌري تي عورتون هڪ پارو گهرائي ان ۾ پنج پاءَ مصريءَ جا يا جيڪو جيتري پڄي سگهي، اوتري وجهي، ننڍڙي کهنبڙي سان منهن ڍڪي رکنديون ھيون. هڪ کهنبو ۽ هڪ جوڙو ڪنوار جي لاءِ تيار ڪري رکنديون ھيون. کهنبي جي پلاند ۾ ايڪيهه روپيا يا جيڪو جيترو سري سگهي ٻڌبا ھئا. پوءِ اهو سامان کڻي ڳائينديون وڄائينديون ڪنواريتي گهر وينديون ھيون[1]. ٻئي پاسي گهوٽ ڪپڙا پائي، عزيزن قريبن، سنگت ساٿ سان ڪنواريتن جي اوطاق ۾ ايندو ھو. ڏاڍا دهل ڌمر وڄندا ھيا، پوءِ ڪنواريتا کير آڻيندا ھيا ۽ ان ۾ گهوٽيتا کنڊ وجهنڊا ھيا، ان مان هڪ گلاس ڀري ڏاڍي شان سان ڍڪي ٺاهي، زالون ڳائينديون وڄائينديون کڻي گهوٽ لاڏي وٽ اينديون هيون. گهوٽ ان کير مان اڌ پيئندو ۽ اڌ ورائي زالون ڪنوار ڏي کڻي وينديون ھيون ۽ وڃي کيس پيارينديون ھيون. گهوٽ کير جي گلاس ۾ ڏهه رپيا يا پڄت سارو وجهندو ھو. جيڏيءَ مهل گهوٽ کير پيئندو ھو، زالون گهڻو ڪري هي لاڏو چونديون ھيون:

کير لاڏل تنهنجي وات

سيج وڇايان پر ڀات

الله لائيا ڀاڳ ڀنيءَ رات

— [1]

گهوٽ جي کير پيئڻ کان پوءِ، شريڪ ۽ دعوتي گهور ڏيندا ھئا. اها کير جي گهور به ڪنواريتن ڏي ويندي ھئي. گهوٽ جي کير پيئڻ کان پوءِ، شريڪن ۽ دعوتين کي به کير پياريندا ھئا.کير پيئڻ کان پوءِ سڀني ۾ مصري يا پتاشا، يا لڏون يا ٽڪيون ورهائيندا ھئا. ائين زالون ڳائينديون وڄائينديون واپس گهر اينديون ھيون ۽ پڌريءَ جي رسم پوري ٿيندي ھئي[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 -ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page5 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page5 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 68 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}