سفارتي ٻوليءَ ۾ ”پڌرنامي“ يا اعلان يا ڊڪليئريشن (Declaration) جو اصطلاح ٻن معنائن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي (1) ڪنهن به رياست پاران پڌرو ڪيل اهڙو هڪ طرفو موقف، جنهن ۾ لاڳاپيل رياست پنهنجي اڳ اختيار ڪيل موقف يا راءِ کان هٽي واضح طور ٻي رياست خلاف جنگ جو اعلان ڪندي آهي. (2) ٻه يا ٻن کان وڌيڪ رياستن يا ملڪن طرفان اتفاق راءِ واري موقف جي اظهار ۽ ڪنهن به معاهدي تي شامل هر ڌر طرفان عمل ڪرائڻ جي پڪ ڏنل هوندي آهي. پوئين معاملي ۾ لاڳاپيل رياستون ڌار ڌار هڪ ڌر طور پنهنجي رضامنديءَ جو اظهار ڪنديون آهن، يا سندن متفق ٿيڻ کي معاهدي جو حصو ٺاهيو ويندو آهي.[1]

حوالا سنواريو