'پٽ تتر : (انگريزي: Lechtenstien Patridge) تتر جو ھڪ قسم آهي. 25 سينٽي ميٽر جسامت جي پٿريلي رنگت واري هن ٽاڪرو پَٽ تتر کي سڄي بت تي ڪاري رنگ جون ويجھيون ويجھيون ليڪون هونديون آهن. نر ۽ ماد جي رنگن ۾ ڪجهه فرق آهي. ان جو رنگ ڳاڙهسرو هيڊو يا هلڪو سروٽي آهي. پُڇ ڊگھو ۽ نوڪدار اٿس. پيٽ جو وچون حصو ڪارو، ڳچيءَ ۽ اکين تي سرمائي پٽا، پَرن، جا پويان حصا پٽاپٽي ٿين ٿا. ماديءَ کي پٺن تي، ڇاتيءَ تي ۽ مٿي چوٽيءَ تي ڪارا چِٽ چِٽ ٿين ٿا. نر کي مٿي ۽ ڇاتيءَ تي ميٽوڙي ۽ ڪارين پٽين جون آرائشي ليڪون ٿين ٿيون. باقي پيٽ تتر کرڙي اٿس. مادي ڱي مٿي ۽ پيٽ تي ليڪون ڪونه ٿين. هي پکي سنڌ بلوچستان کان سواءِ يمن ۽ اتر آفريڪا ۾ به ٿئي ٿو، جيڪي نيم صحرائي علائقا آهن. خود هن پکيءَ کي پٿريلا علائقا پسند آهي. جتي ٻوڙن کي پناھ گاھ ٺاهي ٿو. اڪثر ٻجن ٻٻر ۽ ٻين ٻوڙن تي پلجي ٿو. ڏينهن جي گرم وقت ۾ ٻوڙن ۾ لڪي آرام ڪندو آهي. اڃ اجھائڻ لاءِ روز صبح جو سوير يا سج لهڻ کان پوءِ پاڻيءَ تي اچي ٿو. ان جو آکيرو اڪثر حالتن ۾ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڀري کڻي ايندو آهي. ان جو آکيرو اگھاڙي فرش تي هلڪو کڏو هوندو آهي. جنهن ۾ ڪنهن به شيءَ جو ڀراءُ ڪونه هوندو آهي.

پَٽَ تتر
سيسي سنگرس
ٽيروڪلز ليچٽنسٽائينئي
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): ٽيروڪلز
جنس: Template:Taxonomy/ٽيروڪلز{. ليچٽنسٽائينئي
حياتياتي نالو
ٽيروڪلز ليچٽنسٽائينئي
ڪوئنراڊ جيڪب ٽيمنڪ, 1825

گيلري سنواريو

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. بقرة