پٽالا سنڌو درياهه جي موج مستي ۽ مٽجندڙ وهڪرا ڏسي ڪن ماهرن جو خيال آهي، ته پٽالا وارو ٻه ڇانگو وهڪرو حيدرآباد جي ڀرسان وهندو هو. ڪتابن جو اڀياس ڪندي پٽالا جو ذڪر سڀ کان پهريائين سڪندر سان گڏ آيل يوناني جاگرافيدانن ۽ تاريخدانن جي لکڻين ۾ ملي ٿو. جنهن بعد انيڪ مصنفن پنهنجي تصنيفن ۾ پٽالا جو ذڪر ڪيو آهي. مشهور ليکڪ ايرئين (173 – 90ع) پنهنجي ڪتاب ’سڪندر جون مهمون‘ ۾ لکي ٿو: ”سڪندر جهلم ۾ ٻيڙيون ٺهرائي، لشڪر ساڻ وٺي سنڌ تي ڪاهه ڪئي. سڪندر جي ڪاهه وقت سنڌ تي سامبا جي نسل مان راجا سامبس راڄ ڪندو هو. پٽالا، سيوستان ۽ ديبل تي ننڍن راجائن جي حڪومت هوندي هئي. جيڪي سامبس جي ماتحت هئا. سڪندر وٽ مصري ۽ فنيقي ملاحن جا جٿا هئا. راجا سامبس، سڪندر سان مقابلو ڪيو، پر پٽالا جي راجا موڪريس مقابلي بنا آڻ مڃي. ٽيئن ڏينهن تي سڪندر کي خبر پئي ته پٽالا جي حاڪم پنهنجي راڄ کي حڪم ڪيو آهي، ته شهر خالي ڪري ڀڄي وڃن. سڪندر پٽالا پهتو، ڇا ڏسي ته سارو شهر ڀڙڀانگ لڳو پيو آهي، ايتري قدر جو ڪو هَر جوٽيندڙ هاري به موجود نه آهي. هن هڪدم پنهنجي فوج جي جٿي کي حڪم ڪيو، ته وڃي ڪجهه مقامي ماڻهو پڪڙي اچن. جڏهن اُهي گرفتار ٿي آيا، تڏهن سڪندر کين چيو: ’پنهنجي ٻين ساٿين کي به وٺي اچي پهريان جيان بي اُلڪي ٻني ٻارو ڪيو. توهان کي ڪجهه به نه چيو ويندو.‘ سڪندر جي انهي واعدي تي ڪجهه ماڻهو واپس وريا. سڪندر ڪجهه ڳوٺاڻا ناکئا ٻيڙين تي کڻي درياهه جي وڌيڪ معائني لاءِ سمنڊ ڏي رخ ڪيو. پر ٿورو سفر سَٽڻ بعد سمنڊ جي وير ۽ طوفان هنن جي ٻيڙين جي تختا ڪڍي ڇڏيا.“ ايرئين الڳي چوي ٿو: ” سڪندر جڏهن واپس پٽالا آيو، ته هن اُتي هڪ نئون قلعو ٺهيل ڏٺو، وڃڻ مهل هن پنهنجي سپهه سالار کي چيو هو، ته بندر جي چوڌاري هڪ قلعو ٺاهيو وڃي ۽ گودي کي به محفوظ بنايو وڃي، ڇو ته سڪندر کي پٽالا جي ٻنهي شاخن جي ميلاپ واري هنڌ تي ٻيڙين جو آرماڙ رکڻو هو. پٽالا وٽ سنڌو درياهه ٻن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. سمنڊ تائين ٻنهي شاخن جو نالو سنڌو درياهه هو.“ اسٽرابو جي چوڻ مظابق: ” پٽالا، لاڙ سنڌ جي دريائي سنگم وٽ هڪ خودمختيار يا نيم خودمختيار ملڪ آهي.“ ڊايوناس پنهنجي هڪ نظم ۾ ڳايو آهي: ” پٽالا ۽ پٽالپني مقامي نالو آهي..... درياهه کي ٻه شاخو آهن، جيڪي ٻيٽ کي گهيرو ڪيون بيٺيون آهن. جنهن کي پٽاليني چون ٿا.“ ٽالمي پنهنجي جاگرافي جي ڪتاب ۾ احوال ڪري ٿو: ” سارو ملڪ درياهه جي وهڪري سان انڊو- سٿيا جي نالي سان ڪوٺجي ٿو. درياهه جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ سان سندس مُنهن وٽ هڪ ٻيٺ پٽاليني ٺهي ٿو.“ ٽي. لئمبرڪ ’سنڌ هڪ عام جائزو‘ ۾ چئي ٿو: ” ميگاسٿينز جيڪو سڪندر جي ڪاهه کان رڳو ويهه يا ٽيهه ورهيه پوءِ هندستان آيو هو ۽ چندر گپت جي درٻار ۾ ڳپل وقت رهي، هتان جي چڱي چوکي معلومات گڏ ڪئي هئائين، سو چٽي طرح ڄاڻائي ٿو، ته ’درياهه هڪ ٻيٽ پراسياني نالي، ٻيو ننڍڙو ٻيٽ پاتل نالي ٺاهي ٿو. پويون ٻيٽ هڪ جيترن پاسن واري ٽڪنڊي جي شڪل جهڙو آهي، جنهن جا ٻه پاسا ٻه ٻه ميل ڊگها آهن.“ اپولينس 50- 42ع ڌاري هندستان ۾ آيو هو، تنهن جي زندگي جي ڪٿا لکندڙ فلاسٽريٽس جي لکڻ مطابق: ” پولينس سنڌو جو منهن ۽ پٽالا ڏٺو. اهو شهر سنڌو درياهه جي هڪ ٻيٽ تي ٻڌل هو، جتي سڪندر پنهنجا جهاز گڏ ڪيا هئا.“ ان مان معلوم ٿئي ٿو ته پٽالا سڪندر جي فتح کان 375 سال پوءِ به موجود هو. انگريز محقق هيگ به ٻُڌائي ٿو: ”تبت جي روايتن مطابق ڪاسماڊي ڪوراس چوي ٿو: ’پوٽالا يا پوٽالاڪا هڪ پراڻي شهر جو نالو آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي مُنهن وٽ آهي.‘ هن جو خيال آهي، ته سڪندر وارو پاٽل عيسوي سن جي پهرين صدي جي وچ ڌاري درياهه جي دڳ مٽ ڪري نابود ٿي ويو.“ چين جي هڪ ٻُڌ ڀڪشو هيانگ چوانگ، ٻُڌ تيرٿن جي ياترا جي خيال کان 641ع ۾ هندستان آيو هو. هو ’پي- ٽو- شيهه- لو‘ شهر جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو: ”هن شهر جي زمين ڪلراٺي آهي ۽ هوا سخت ٿڌي آهي. ڪڻڪ ۽ دال اُتي جام پوکي وڃي ٿي، پر ميوا ۽ گل جهڙا ٿين تهڙا نه.“ مصر جي سر زمين تي جڏهن ٽالمي خاندان جي بادشاهي شروع ٿي، تڏهن انهن جا ٻيڙا سنڌ جي بندرگاهه وسيلي هندستان سان وڻج واپار ڪندا هئا. ٻيڙا مصر مان ڌاتو، شراب ۽ شيشي جو سامان کڻي هتي ايندا هئا ۽ موٽ ۾ وري گرم مصالحو، سوٽي ۽ اوني ڪپڙا کڻي ويندا هئا. تاريخي گرنٿ ان بندرگاهه جي جڳهه حيدرآباد وارو حصو ٻُڌائين ٿا..[1]

پٽالا جي معنيٰ


لسانيات جي ڄاڻوئن جو خيال آهي، ته پٽالا جو نالو پاتال مان نڪتل آهي، جيڪو هڪ گل جو قسم آهي. انهيءَ وڻندڙ گل جي شڪل توتاري جهڙي آهي، ڇو ته سنڌ ڊيلٽا به ان سهڻي توتاري جيان نظر ايندو آهي. ڪن جو رايو آهي، ته پاٽالا دراوڙي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ پاتال آهي. چون ٿا ته جڏهن اڇي چمڙي وارا آريا خشڪ ۽ ٿڌي وچ ايشيا کان سنڌ ۾ آيا ۽ هتي آبهوا گهم واري ۽ گرم ڏٺائون تڏهن هن کي پاتال (تحت الثريٰ) چوڻ لڳا.

ايم. ايڇ . پنهور، ڊبليو ڪرفيل جي حوالي سان ذڪر ڪري ٿو: ”پراڻن ڪتابن ۾ پٽالا جي معنيٰ ست ماڙ عمارت آهي ۽ يوناني ۾ ’پٽالاڪا‘ جي معنيٰ مندر به آهي.“ جيرز ڀاو پڻ انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو. تبت ۾ اڄ به اوچن پهاڙن تي هڪ پگوڊا آهي، جيڪو ڪيترن عجيب ۽ سهڻن ماڙين سان جڙيل آهي، جنهن کي پٽالا جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. چون ٿا ته تبت جو دلائي لاما به اصل سنڌ جي حصي جو رهاڪو هو. مختلف تاريخن جي اڀياس ۽ اوائلي نقشن جي جاچ کانپوءِ انهن محققن سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، جن حيدرآباد کي پٽالا قرار ڏنو آهي. بهتر ايئن ٿيندو ته نئين سر جاگرافيائي ۽ ٻيون حقيقتون گڏ ڪري اصل پٽالا کي ڳولهڻ لاءِ جاکوڙ ڪجي.[2]

  1. اشتياق انصاري؛مقالو:حيدرآباد جا ڪوٽ۽ قلعا; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ
  2. اشتياق انصاري؛ مقالو:حيدرآباد جا ڪوٽ ۽ قلعا; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛ مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن: پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ