پٻڻ
پَٻُڻ (اردو: ڪنول؛ انگریزی: Lotus) هن جو اسان مٿي ڪنهن هنڌ اشارو ڏنو آهي. هن کي هنديءَ ۾ ڪَنوَل چوندا آهن. هي هندستان ۾عام آهي؛ ڍنڍن ۽ تلائن ۾ گهڻو ٿيندو آهي. پن وڏا ۽ سهڻا ٿيندا اٿس. پاڻيءَ ۾ ول وانگي پکڙندو آهي. گل به وڏو اڇو ۽ سهڻو ٿيندو اٿس؛ منجهس چڱي خوشبوءِ ٿيندي آهي. گل جي ڪري هي گلن جي باغ ۾ داخل ٿيڻ گهرجي. هن جي گل کي نيلوفر چوندا آهن. هن جون پاڙون کوٽي ڪڍي، ڀاڄيءَ وانگي کائيندا آهن. انهن کي بِهَه چوندا آهن پر هتي کيس ڦر يا ميوي ڪري آندو ويو آهي. هن جون ٽڪيون ٿينديون آهن، جن کي پٻڻ جون ٽڪيون چوندا آهن؛ انهن ۾ چِڌن وانگي گول داڻا رهندا آهن، جن جي کل لاهي ڪچا به کائيندا آهن ۽ رڌي، مصالح لڳائي به کائيندا آهن. سڪائي به رکندا آهن جن کي ڏوڏا چون ٿا. انهن ڏوڏن ۾ ٻج سائي ڌاڳي جي ٽُڪر وانگي رهندو آهي، جنهن کي پِتو سڏيندا آهن. ڏوڏن ۾ باداميءَ جهڙو سواد ٿيندو آهي.
پٻڻ | |
---|---|
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Nelumbo |
جنس: | Template:Taxonomy/Nelumbo{. nucifera |
حياتياتي نالو | |
Nelumbo nucifera Gaertn. |
هن وڻ کي هندو ماڻهو پاڪ سمجهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪتابن ۾ هن جو نالو مصري چؤنرو به ڪري لکيو اٿن. انگريزيءَ ۾ ان کي لوٽَس يا واٽر للِي چوندا آهن.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو