پُرامن واٽ

سمنڊ جي قانون ۾ خيال

پُرامن واٽ (Pur amun waatt) يا پُرامن راهداري يا اِنوسينٽ پئسيج (Innocent Passage) يا گڏيل قومن طرفان سال 1982ع تحت سامونڊي قانون بابت سڏايل ڪنوينشن جي آرٽيڪل 19 موجب، ڪنهن به هڪ مُلڪ جي سامونڊي جهاز کي پُرامن مقصدن لاءِ ٻئي مُلڪ جي سامونڊي حدن منجهان لنگهڻ جي مليل حق کي ”پُرامن راهداري“ چئجي ٿو. ان حق ۾ سامونڊي ڪناري تي بيهڻ ۽ لنگرانداز ٿيڻ به شامل آهن، پر شرط اهو آهي ته ائين ڪندي جهاز کي ڪو اڻ ٽر مسئلو يا مجبوري آڌو هُجي. بين الاقوامي قانون موجب ”پُرامن واٽ يا راهداري“ جو دائرو 12 ميلن تائين هوندو آهي ۽ ان دائري ۾ ڪو به جنگي جهاز لنگهي سگهندو آهي. پر ڪي مُلڪ انهيءَ لاءِ به کانئن اجازت گهرڻ جو شرط رکندا آهن، جيڪو حق کين بين الاقوامي قانون تحت مليل هوندو آهي. اڳوڻي سوويت يونين پنهنجي سامونڊي حدن اندر اهو شرط لاڳو ڪيو هُو. ان کان علاوه بين الاقوامي قانون موجب هر جنگي سامونڊي جهاز لاءِ لازم ڪيو ويو آهي ته اُهو لاڳاپيل مُلڪ جي علائقي مان لنگهندي، اُن مُلڪ جي قانونن جو به احترام ڪري. ٽوٻائو جهازن (Submarines) لاءِ به شرط آهي ته اُهي ٻئي مُلڪ جي حدن کي پار ڪندي، پاڻيءَ اندر هُجڻ بدران سامونڊي سطح تي نروار ٿي سفر ڪن ۽ پنهنجي مُلڪ جي جهنڊي کي واضح طور ڦڙڪائين. ان شرط هوندي به ٽوٻائو جهازن جي سرگرمين کي ڏسڻ لاءِ گهربل فني سهولتون نه هُجڻ ڪري ڪِن مُلڪن لاءِ ڏُکيو ٿي پوندو آهي ته اهڙن جهازن جي چُرپر جا اصل مقصد ڄاڻي سگهن. انهيءَ سلسلي ۾ 1982ع جو ڪنووينشن پڻ مُنجهيل آهي. سوويت يونين جي جهازن طرفان اهڙين سرگرمين تي سويڊن ۽ ناروي گهڻو ڪري اعتراض ڪندا رهيا. بين الاقوامي قانون تحت اِن قسم جي راهداريءَ لاءِ هيٺيان شرط پُورا ڪرڻ ضروري آهن.[1]

  • (1) مقصد پُر امن هجي.
  • (2) فوجي سامونڊي جهاز جون سرگرميون اڳواٽ ڄاڻايل هُجن.
  • (3) سهوليت گهرندڙ جهاز ماحولياتي، تحقيقي ۽ سامونڊي جيوت جي حفاظت لاءِ جوڙيل قاعدن جي ڀڃڪڙي نه ڪري.


حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2019-11-28 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد