پِي لِنگ هُئانگ (Pei-Ling Huang) اصل تائيوان جي آهي. ھيءَ مائي آمريڪا جي جڳ مشھور ھارورڊ يونيورسٽيءَ (Howard University) مان شاهہ عبداللطيف ڀٽائيءَ (انگريزي ٻولي: Shah Abdul Latif Bhittai) جي وائي وارن سُرن ۽ انھن جي مدد سان ماڻھن جي نفسيات (Nafisiyaat) ۾ فھم فضيلت آڻڻ ڪيئن ٿيڻ جوڳي آھي، جي پس منظر ۾ ته جيڪڏھن انھن سرن کي جديد ترتيبون ڏئي آڻجي جو لطيف جي واين کي ماترن (Meter) آڌار ڪيئن لکي سگهجي جو اولهه جا سنگيتڪار به وائيءَ جي ڌنن کي سندس جديد سازن سان ڇيڙي سگهن. ان تي ھيءَ پي ايڇ ڊي ڪري رھي آھي.

ھوءَ پھريان ته ھر ورهيه آمريڪا مان پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز (Ph. D thesis) جي سلسلي ۾ ٻه ٽي مھينا سنڌ ايندي ھئي، پر ھاڻي فيلڊ ريسرچ (Field Research) لاءِ سڄي سال لاءِ ڀٽ شاھ تي رهي ٿي. جتان اها استاد منٺار فقير (Ustaad Manthhaar Faqeer) کان وائيءَ (Waaee) جو سرُ (Sur) ۽ گُر (Gur) سکي ٿي. ان کان پھرين ھن صوفي سنگيت (Soofi sangeet) جي مک سازن جيئن طبلو (Tabilo) ۽ ستار (Sitaar) وڄائڻ سکيو آهي. ھوءَ ھالا ڀرسان ڳوٺن ۾ وڃي ماين مردن کان وائيءَ بابت لوڪ خيال ٻڌي ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ڪيئن ”وائيءَ“ جي ڪري ھتي جي ماڻھن ۾ ماٺارپ جو مادو ملي ٿو.[1]

حوالا سنواريو

  1. پِي لِنگ هُئانگ | Indus Asia Online Blog, وقت 2021-01-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-10-14