پيٽ ۾ سور

پيٽ سور

پيٽ ۾ سور ٽينشن جي وجهہ سان ٿيندو آهي انساني دماغ ۾ تقريبن سئو ارب کن نيورونز هوندا آهن پر دماغ جي علاوه جيڪڏهن انساني جسم ۾ ڪٿي گھڻا ڀاڱي نيورونز آهن تہ اهو آهي انساني جو نظام هاضم وارو سسٽم انجي وجهہ سان نظام هاضم کي گھڻو ڪري انسان جو ٻيو دماغ بہ چيو ويندو آهي دماغ جي نيورونز ۽ آنڊن جي نيورونز ۾ رابطو  هوندو آهي تہ جيئن هاضمي جو نظام درست رھي مثال جي طور تي کاڌو کائڻ کانپوءِ باقي جسم ۾ رت جي سپلائي ڪجهه گھٽ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ آنڊن کي رت جي سپلائي وڌائي ڇڏيندو آهي تہ جيئن ھاضمي جو عمل جاري ۽ ساري رهي ان طرح جيڪڏهن اوهان کي ڪو خطرو پيش اچي تہ دماغ ان عضوي کي رت جي سپلائي گھڻي ڪري ڇڏيندو آهي جيڪا خطري کي منھن ڏيڻ جي لاءِ گھربل هوندي آهي مثال ٻانهن ۽ ٽنگن جي  ڏورن ۽ انھن حصن ۾ رت جي سپلائي گھٽ ڪري ڇڏيندو آهي جيڪي خطري کي منھن ڏيڻ جي ڪم ناهين ايندا ائين خطري جي صورت ۾ آنڊن کي رت سپلائي گھٽ ٿي ويندي آهي انکان علاوه جسم ۾ گھڻي ڀاڱي ایڊرینالین خارج ٿيندو آهي جيڪو هڪ هارمون آهي ۽ سٽريس يا خطري جي صورت ۾ خارج ٿيندو آهي انجي نتيجي ۾ نطام ھاضمو متاثر ٿيندو آهي اهيا ئي وجهہ آهي تہ شديد سٽريس جي صورت ۾ گھڻو ڪري پيٽ ۾ سور ٿيڻ لڳندو آهي ۽ معدي ۾ پڻ گڙٻڙ ٿيڻ لڳندي آهي.