پيٽيونيا

گلن جي ٻوٽن جي ھڪ نسل

پيٽيوُنيا (Petunia) هڪڙو سهڻو ولايتي گل آهي، جو ڪيترن رنگن جو ٿيندو آهي. گلابي، قرمزي، واڱڻائي ۽ اڇو. ڪن ۾ وري ٽٻڪا، ڪن ۾ ليڪا، ڪي ڪناريدار. استاد باغائي، هڪٻئي سان هنن کي گڏي، منجهانئن جدا جدا رنگن جا گڊا گل ڪڍندا آهن. هي گل اصل مدامي آهي، مگر هن ملڪ ۾ رڳو يڪ – سالو ٿي سگهي ٿو. جتي ٿيندو آهي، اتي سندس ڇڻيل ٻج مان ٻئي سال ججها ئي سلا نڪري پوندا آهن، جي جنوريءَ ڌاري گل ڪن ٿا. پر بهتر آهي ته ولايت کان آيل ٻج سال ۾ نئون پوکجي. آڪٽوبر مهيني ۾ پاٽين ۾ پوکجي. جڏهن ٻن ٽن انچن جيڏا ٿين تڏهن ٽپائي ٻئي هنڌ رکجين. اهي اپريل ڌاري گل ڪندا. زمين ڀلي گهرجي.[1]

پيٽيونيا
Petunia exserta flower
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: Plantae
(unranked): Angiosperms
(unranked): Eudicots
(unranked): Asterids
ترتيب: Solanales
خاندان: Solanaceae
ذيلي خاندان: Petunioideae
نسل: Petunia
Juss.
Species

See text.

گئلري سنواريو

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.