پينهون خاص ڪري سنڌ جو کاڄ آهن. گهڻو ڪري سرند گهرن ۾ ٺاهيندا آهن، پينهون،سارين کي اوٻاري ڀڃي پوءِ ننگهه ۾ڪُٽي ٺاهيندا آهن، پر لاڙائين پٽ ۾ غريبن جي گهرن ۾ به آئي وقت لاءِ ضرور رکيل هوندا آهن، پينهن کي زالون ڪڏهن عام طرح رڌينديون آهن، ڪڏهن چنگالي ڪري ڪڏهن وري پسائي کير سان کائينديون آهن.

سنڌ جون زالون عام طرح سان پينهون هيئين رڌينديون آهن: ڇا ڪنديون آهن، جو پهرين پهرين پينهن کي ڇنڊي چونڊي، ٻرٽ ڪڍي، هڪ پاڻيءَ مان آڇلائي، ٻئي ۾ ٿورو وقت پسائي رکنديون آهن. هوڏي ديڳڙي ۾ گيهه ۽ ڦوٽا وجهي ٽڙڪائينديون آهن. پوءِ انهيءَ ۾ پسيل پينهون وجهي، مٿان قدر آهر کنڊ وجهي، ٿورو پاڻيءَ جو ٽيهو ڏئي ڇڏي ڏينديون. ٻه گهڙيون سهي، پوءِ ديڳڙي کي دمي ڇڏينديون آهن. پوءِ ديڳڙو لاهي، تر ٺرڻ کان پوءِ وڌائي ڏينديون وينديون، پر جي چنگالي رڌڻي هوندين ته ائين پسيلن پينهن کي ٽڙڪايل گيهه ۾وجهي، کنڊ ۽ گيهه ٻيو به جام وجهنديون آهن، پاڻي جو رڳو نالو هوندو آهي، پوءِ پينهون گيهه ۽ کنڊ جي چاش ۾ رجهي تيار ٿي ويندا آهن. انهيءَ چمنگاليءَ کي عام پينهن وانگر دم ڪونه ڏين. چنگالي وري اهڙي ڳري ٿئي، جو ٿوري کائڻ سان ڍوء ٿيو وڃي، ڀلا ايترو گيهه ۽ کنڊ ڪٿان ٿي کاڌي ٿئي! پر زالون رڳو اهو کاڌو سهنج ڪري رڌينديون آهن.

وري هلڪو کاڌو، به پينهن کان پوءِ بس آهي، سو وري هيئن ته ڇاڪنديون آهن، جو پينهن کي گهڙي کن پسائي رکنديون آهن ته هڏ مرين پوءِ مٺو کير ڪري، انهيءَ ۾ پينهن مان پاڻي ڪڍي اهي پينهون وجهينديون کير ۾، گهڙي کن کان پوءِ واه جا ٿيو پون، بنان باهه جي کاڌو تيار![1]

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از: سيد منظور نقوي؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو. [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 4.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 4.html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 67 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}