پير غلام مجدد سرهندي

مٽياري جي ھن صاحب جا وڏا افغانستان کان 1214ھ ڌاري لڏي اچي مٽيارين جي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳا. سندن خاندان جا مريد اڳي ئي سنڌ ۾ هئا. پهرين هو سنڌ ۾ اچي، گشت ڪري، نذرانا وٺي، موٽي واپس ويندا هئا، پر افغانستان ۾ حالتون سازگار نه ڏسي، سنڌ ۾ هميشھ لاءِ لڏي آيا. سندن خاندان جو مفصل احوال ”عمدة المقامات“ ۾ ڄاڻايل آهي. ميان غلام مجدد، 6 رجب 1300ھ مطابق، 13 مئي 1883ع تي، مٽياري شهر ۾ ڄائو هو. هن ديني تعليم مولوي حاجي حسن الله صاحب پاٽائيءَ کان مٽيارين ۾ ورتي ۽ ان وٽ ئي تحصيل ڪري، دستاربندي ڪيائين.ان کان پوءِ، 1321ھ مطابق، 1904ع ۾، حجبيت الله ۽ زيارت نبوي لاءِحجاز ويو، ۽ خيريت سان موٽي آيو. سندس والد، خواجه عبدالحليم مجددي، 1331ھ مطابق، 1913ع ۾ وفات ڪئي، جنهن کان پوءِ وڏي فرزند هئڻ ڪري کيس سجاده نشينءَ جي دستار ٻڌائي ويئي. ابتدائي زماني ۾ پاڻ مذهبي احڪام جي تبليغ ۽ تعليم جي اشاعت ۾ وقت گذارڻ لڳو، جڏهن 1920ع ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي، ته ان ۾ دلچسپي وٺن شروع ڪيائين ۽ خلافت ڪانفرنس ۾ وڃي تقريرون ڪندو هو. هڪ ٻه ڪانفرنس پاڻ وٽ به سڏائي هئائين. پير سرهنديءَ کان علاوه، ان وقت سنڌ جي مکيه پيرن مانپير صاحب جهنڊي وارو، ڪي راشدي پير، مولانا تاج محمد امروٽي، مولوي غلام احمد صاحب ملڪاڻي ۽ ڪاماري شريف ورا پير، انهيءَ هلچل ۾ حصو وٺي رهيا هئا. خوب جوش خروش سان تقريرون ٿينديون هيون، ان ڪري ڪيترا ڪارڪن جيلن ۾ ويندا هئا. انهيءَ سلسلي ۾ پهرين جن سنڌي پيرن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس هلايا ويا، سيپير محبوب شاھ ، (جهنڊي واري سائين رشدالله جو ننڍو ڀاءُ)، ۽پير تراب علي شاهه راشدي هئا. سندن گرفتاريءَ ڪري ملڪ ۾ ڏاڍو گوڙ پيدا ٿيو ؛ ليڪن هنن معافي وٺي، پير گروهه جي وقار کي ڌڪ هڻي ڇڏيو هو. ٻيا پير ته مولوي فيض الڪريم جي جاري ڪيل فتويٰ تي- ته خلافت تي ترڪن جو حق ڪو نه هو- صحيحون ڪري، وڏي بدناميءَ جو باعث بڻيا هئا. ليڪن سنڌي پيرن مان هي پهريون هو، جنهن 8 کان 10 جولاءِ 1921ع تي، ڪراچيءَ ۾ مولانا محمد علي ”جوهر“ جي صدارت هيٺ ڪوٺايل خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي، ان ۾ پاس ڪيل هن ٺهراءَ کي ٽيڪو ڏنو هو ته مسلمانن کي انگريزي فوج ۾ ڀرتي نه ٿيڻ گهرجي. انهيءَ سلسلي ۾، هن کي مولانا محمد علي ”جوهر“ ، مولانا شوڪت علي، مولانا حسين احمد مدني، مولانا نثار احمد ڪانپوري،ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو، شنڪر آچاريا ۽تيرٿداس وينڪمرامن سان گڏ، ٻه سال جيل جي سزا ڪاٽڻي پيئي. جنهن استقلال سان هن رتنا گري جيل ۾ اها سزا ڪاٽي، تنهن هن کي آل انڊيا شهرت جو مالڪ بڻائي ڇڏيو. جيل ۾ هن قرآن شريف ياد ڪيو. ان کان پوءِ هي مختلف سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ حصو وٺندو رهيو. جڏهن ڪانگريس کان ڪي سياسي ڪارڪن علحده ٿيا ته هي به جدا ٿي وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. آخر وقت ۾ حيدرآباد ۾ رهندو هو ۽ سيد علي اڪبر شاھ سان گڏجي، جامعہ عربيه مدرسو برپا ڪرايائين. پير صاحب عربيءَ جو وڏو عالم هو. خلق جي خدمت پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ڪري ڇڏيو هئائين. 16 جمادي الثاني 1377ھ، مطابق 9 جنوري 1958ع تي وفات ڪيائين. .[1]

  1. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو