پيرو لاشاري ريلوي اسٽيشن

پيرو لاشاري ريلوي اسٽيشن بدين حيدرآباد ريلوي رستي تي مشهور اسٽيشن آهي. چون ٿا تہ، جڏهن ريلوي لائين وڇائي رهيا هئا ۽ اتي اسٽيشن قائم ڪري رهيا هئا، تڏهن پڇا ڪيائون تہ هـِـتي ڪو ڳوٺ آهي يا نہ؟ ڏس ملين تہ پيرو لشاري ڀرسان رهي ٿو. پوءِ اسٽيشن جو نالو انهيءَ تان رکيو ويو.

هن اسٽيشن جي ڀرسان ڳٺو ڍورو گذرندو هو. پيرو لاشاريءَ جي اسٽيشن تي شين جا ٻہ ٽي دڪانڙا آهن. هن اسٽيشن جي اُڀرندي تان ٻن ميلن جي مفاصلي تي، شاهه گـُـهريو جو قبرستان ۽ مقبرو آهي. جنهن جا شيخ مجاور آهن. پير شيخ قرهئي ڀانڊاريءَ وانگر هي بزرگ ڏاتار پير سان طريقت واري سلسلي ۾ ڳنڍيل آهي. هن درگاھ تي فيبروريءَ ۾ ميلو لڳندو آهي، جيڪو هفتو کن هلندو آهي ۽ اتي جا رهاڪو مريدن جي آرام لاءِ ننڍيون ننڍيون اوطاقون اڏيندا آهن. هن ميلي تي پنجن هزارن تائين ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن. شاهه گهرئي جي درگاھ ڏانهن وڃڻ لاءِ اتان ئي رستو آهي.

ٿورو پريان اسماعيلي خواجن جو مرشد شاه طريل جو مقبرو آهي. پر اُن درگاھ تائين پهچڻ لاءِ تلهار کان آسانيءَ سان پهچي سگهجي ٿو. تلهار کان نڪري، ٽنڊي باگي جي رستي تان شاھ طريل جي درگاھ تي اسماعيلي پهچندا آهن. آغا خانين جي سنڌ ۾ اِها وڏي ۾ وڏي درگاھ آهي. اِها درگاھ پڻ پيرو لاشاريءَ کان صاف نظر پيئي ايندي آهي.

پيرو لاشاريءَ جي ڀرسان ٽالپرن، خاصخيلين، ملاحن، اوٺن ۽ ٿيٻن جا ڳوٺ آهن. پيرو لاشاريءَ جي اُلهندي ۽ ڏکڻ کان آرين جو دڙو آهي. مذڪوره دڙي مان شاهه جهان جي وقت جا سڪا هٿ لڳا آهن. آرين جو دڙو ٺڪراٺ جو ميڙ هو، هينئر اُتي ٻني ٿي ويئي آهي. پيرو لاشاري جي اوسي پاسي ڇڙوڇڙ نموني ۾ تاريخي مواد تمام گهڻو پيل آهي. ڪو ڳولائو هٿ ڳنڍي لڳندو تہ سهڻي ۽ گهڻي معلومات ملڻ جو وڏو امڪان آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب جو نالو؛ لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.