پيداواري رشتا: پيداواري رشتن مان مراد ماڻھن جو پاڻ کي اھڙيءَ ريت گڏ ڪرڻ آھي ته ھو پنھنجي روزمره جي روزي روٽي حاصل ڪري سگھن. انڪري پيداواري رشته ھر شڪل جي معاشري جو ڍانچو ھوندا آھن. ھي سماجي وجود جون اھي حالتون مھيا ڪندا آھن. مارڪس ان ڳالھ جي وضاحت ڪئي آھي ته پيداواري قوتن جو آغاز ڪھڙيءَ طرح سان مختلف پيداواري رشتن ۽ طبقاتي سماج جون مختلف شڪلون پيدا ڪندو آھي. ”طبقي“ سان اسان جي مراد معاشري جي اندر ماڻھن جو ھڪ اھڙو گروھ آھي جن جو پيداوار جي ذريعن سان ھڪ جھڙو تعلق ھجي. جنھن طبقي جي ملڪيت ۽ اختيار ۾ پيداوار جا ذريعا ھوندا آھن، ھُو معاشري تي حڪومت ڪندا آھن. ان سان گڏو گڏ ھيءَ ملڪيت ان کي ان قابل بڻائي ڇڏيندي آھي ته ھُو پورھيت طبقي کي پنھنجي جان حڪمران طبقي جي مفادن لاءِ مارڻ تي مجبور ڪري ڇڏي. پورھيت طبقو اھڙي فضول پيداوار ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آھي جنھن تي حڪمران طبقي جو گذارو ٿيندو آھي. مارڪس ان ڳالھ جي وضاحت ڪندي چئي ٿو ته ”مخصوص معاشي حالت جنھن ۾ غير ادا شده محنت“ سڌي سنئين پيدا ڪندڙن مان نچوڙي ويندي آھي، حاڪم ۽ محڪوم جي لاڳاپي جو تعين ڪندي آھي. انھيءَ بنياد مٿان سڄي جو سڄو معاشي سماج ٺھندو آھي، جيڪو پيداواري رشتن جي پنھنجي ذات جي اندران نڪرندو آھي. انھيءَ سبب سان گڏوگڏ مخصوص سياسي شڪل به. ان سان گڏ اسان کي ھن سياسي بنتر جو تعلق به ايندو آھي ته ڪھڙي طبقي وٽ اعلي اختيار ھوندو ۽ ڪھڙو طبقو عوام ھوندو. مختصر ھي ته ان جي لاڳاپي مطابق بڻجندڙ رياست جي مخصوص شڪل. (سرمايو_ ٽيون جلد)