پولنگ ايجنٽ: Polling Agent:

پاڪستان ۾ جنرل يا باء اليڪشن ۾ پولنگ واري ڏينهن پولنگ اسٽيشن تي بورڊ ۾ حصو وٺندڙ ھر اميدوار کي اھو حق آھي تہ ھر پولنگ اسٽيشن تي پنھنجو پولنگ ايجنٽ مقرر ڪري جيڪو سندس پاران اتي موجود رھي ذميداريون ادا ڪري. پولنگ ايجنٽ جون قائدن مطابق اھي ذميداريون آھن تہ پولنگ اسٽيشن تي پرزائيڊنگ آفيسر کي پنھنجو شناختي ڪارڊ ۽ اميدوار جي طرفان جاري ڪيل اختيارنامو ڏيکاري , ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ تسلي ڪري تہ بيلٽ باڪس خالي آھي، بيلٽ باڪس جي ڌڪڻ کي دٻي سان سيل ٿيڻ وقت سيل نمبر نوٽ ڪري ۽ فارم 42 تي صحيح ڪري، ھر ووٽ لاءِ ايندڙ جو نالو پنھنجي ووٽر لسٽ ۾ چيڪ ڪري ۽ لسٽ مان ان جو نالو ڪٽي، پولنگ دوران ڪنھن ٻئي جي عيوض ووٽ ڏيندڙ شخص يا نااھل شخص جي ووٽ کي چيلينج ڪري، پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ ڳڻپ جي عمل ۽ سامان جي ريٽرننگ آفيسر ڏي شفٽنگ لاء پيڪنگ جو مشاھدو ڪري، ڳڻپ جي گوشواري (رزلٽ آف دي ڪائونٽ يا فارم 45) ۽ بيليٽ پيپر اڪائونٽ (فارم 46) تي پنھنجيون صحيون ڪري، ٽيمپر ايويڊنٽ بيگ سيل ٿيڻ کان پوءِ ان جو مخصوص ڪوڊ پرزائيڊنگ آفيسر کان وٺي نوٽ ڪري، پرزائيڊنگ آفيسر کان مٿين ڀريل فارمن نمبر 45 ۽ 46 جا نقل حاصل ڪري، ڳڻپ دوران ڪنھن بہ بي قائدگي بابت پرزائيڊنگ آفيسر کي آگاھ ڪري.[1]

حوالا سنواريو

  1. {ھينڈ بک ؛ پریزائیڈنگ افسر اور اسٹنٹ پریزائیڈنگ افسر؛ الیکشن کمیشن آف پاکستان؛ صفحہ 9}