پنيالو
پَنِيالا هي ميوو هندستان جي ڏيهي ميون مان آهي. بنگال ۾ عام آهي، پنجاب ۽ ٻين مٿين پرڳڻن ۾ ڪين ٿيندو آهي[1]. اهو وڻ ويهه فوٽ وڏو ٿيندو آهي. پن ننڍڙا ۽ ٽارين ۾ تمام گهڻا ڪنڊا ٿيندا اٿس. سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ميوو پچندو اٿس، جو آلو بخارا جيڏو ۽ جهڙو ٿيندو آهي ۽ پنج يا ڇهه – ڪُنڊو ٿيندو آهي. ڳُوڙهو واڱڻائي رنگ ٿيندو اٿس. اهو تمام سخت ٿيندو آهي، تنهنڪري پهرين آڱرين سان هن کي نپوڙي نپوڙي، ترين جي وچ ۾ ڦيرائي پوءِ کائيندا آهن. کنڊ سان رڌڻ ڪري چڱي لذت ڪندو آهي. ٻج جون ۽ جولاءِ ۾ پوکبو آهي. بهتر آهي ته بيٺل وڻ وڍي ٻارهن فوٽن جيڏا ڪري ڇڏجن ۽ سڪين ٽارين جي ڇانگ ڪري ڇڏجي. پاڙن مان مٽي ڪڍي وري ٻي تازي مٽي وجهڻ گهرجي، جنهن سان ڀاڻ به گڏائڻ گهرجي. انهيءَ ڪري ميوي جو گهڻو سڌارو ٿيندو آهي.[1] هن وڻ جو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي ڪنڊو ڪو نه ٿو ٿئي ۽ سندس پن وڏا ۽ سهڻا ٿا ٿين. انهيءَ کي ڏيهي ماڻهو ٽومِي ٽومي سڏيندا آهن.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو