پنجابي گھاگرو
پنجابي گھاگرو (پنجابی: ਘੱਗਰਾ) چار حصن ۾ ورھايل ھڪ لباس آھي،[1] جنھن کي تيور بہ چيو وڃي ٿو۔ روايتي طور تي ھن لباس کي خطي پنجاب جو عورتون پھرن ٿيون۔ ھن ۾ ھڪ گلوبند (ڦولڪاري)، ڪرتو يا ڪرتي شامل آھن۔[2] ان کان علاوہ سُٿڻ يا پنجابي سلوار بہ ھن جو حصو آھن۔[3] جديد دور ۾ گھاگرو ھرياڻہ، پاڪستاني پنجاب جي ٻھراڙيءَ جي علائقن[4] ۽ ھماچل پرديش جي ڪجهه حصن ۾ پھريو وڃي ٿو۔[5]۔ روايتي گِڌّا رقص جي دوران بہ گھاگرو پھريو ويندو آھي۔[6]
تاريخ
سنواريوگھاگري جي شروعات چنداتَڪا ۾ ٿي جيڪو گپت دور ۾ ھڪ مقبول لباس ھو۔[7] چنداتڪا مردن جي نيم پتلون جھڙو لباس ھو[8] جيڪو اڳتي ھلي ڪري گھاگري جي شڪل اختيار ڪري ويو۔ان جي وچين شڪل جي باري ۾ چيو ويو تہ مردن ۽ عورتن ٻنھي جي لاءِ قميص جھڙو ھڪ لباس ھو جيڪو سيني کان رانن تائين پھريو ويندو ھو۔ [9][10] چنداتڪا ستين صدي تائين عورتن جو مقبول لباس رھيو۔[11]
حوالا
سنواريو- ↑ Punjab District Gazetteers: Ibbetson series, 1883-1884
- ↑ Biswas, Arabinda (1985) Indian Costumes
- ↑ http://revenueharyana.gov.in/html/gazeteers/hissar%201915.pdf
- ↑ Chaudhry, Nazir Ahmad (2002) Multan Glimpses: With an Account of Siege and Surrender [1]
- ↑ Mehta, Parkash and Kuma, Anjala (1990) Page 19 Poverty and Farm Size in India: A Case Study [2]
- ↑ Nrityabhakti.com, وقت 2017-09-24 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-10
- ↑ Subbarayappa, B. V. (1985) Indo-Soviet Seminar on Scientific and Technological Exchanges Between India and Soviet Central Asia in Medieval Period, Bombay, November 7–12, 1981: Proceedings [3]
- ↑ Bose, Mainak Kumar (1988) Late classical India
- ↑ Gupta, Dharmendra Kumar (1972) Society and Culture in the Time of Daṇḍin [4]
- ↑ Chandra, Moti (1973) Costumes, Textiles, Cosmetics & Coiffure in Ancient and Mediaeval Indi [5]
- ↑ Uma Prasad Thapliyal (1978) Foreign elements in ancient Indian society, 2nd century BC to 7th century AD [6]